جيڪب آباد ۾ ڊي سي جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس ٿي گذريو

news

جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالنبي مگسي) ڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد ڊاڪٽر حفيظ احمد سيال جي صدارت هيٺ سرڪاري زمينن، آفيسن ٻاھران قائم ٿيل دڪانن ۽ سرڪاري ڪوارٽرز تي ٿيل قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ اجلاس ڪوٺايو ويو.

جنهن ۾ اي ڊي سي ٺل، اي ڊي سي ڳڙهي خيرو، ٽنھي تعلقن جي مختيارڪارن، ايڪسئين آبپاشي، ايس ڊي اوز، ڊي ايڇ او ھيلٿ، پوسٽ آفيس ۽ تعليم کاتي جي آفيسرن سميت ضلعي جي سڀني عملدارن شرڪت ڪئي.

ڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد ڊاڪٽر حفيظ احمد سيال اجلاس کي خطاب ڪندي چيو آهي ته سڄي ضلعي ۾ سرڪاري زمينن، ڪوارٽرز ۽ سرڪاري آفيسن ٻاھران ايراضين تي قائم ٿيل دڪانن کي ھٽائي ڪري قبضو خالي ڪرايو وڃي، سرڪاري ايراضيءَ تي قبضو ڪندڙن کي نوٽيس ڏنا وڃن، ڊپٽي ڪمشنر لاڳاپيل عملدارن کي 20 جنوري تائين سرڪاري ايراضين تان قبضا ختم ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

ڊپٽي ڪمشنر اجلاس ۾ ھدايت ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن قبضاگير قبضا ختم نه ٿا ڪن ته ان جي ڄاڻ ڏني جيئن پوليس ۽ روينيو جي مدد سان سرڪاري ايراضين تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن ڪري قبضا ھٽائي سگهجن.