ٻه ڏهائي مريضن ۾ ڪورونا جون علامتون ڇهه مهينن بعد به برقرار
ويب ڊيسڪ | 4 ڏينھن پھريان

بيجنگ: ڪووڊ 19 جي تناظر ۾ هڪ تازي خبر اها آئي آهي ته ان مان شفاياب هئڻ باوجود به مرض جي گهٽ ۾ گهٽ هڪ علامت يا تڪليف برقرار رهي ٿي.
ماهرن ان ڏس ۾ ڪيترن ئي مريضن کي هڪ طويل وقت تائين نوٽ ڪيو آهي جنهن ۾ ٻه ڏهائي ماڻهو شفاياب ٿيڻ باوجود به انهن ۾ ڪورونا جون علامتون ڏٺيون ويون ۽ اهي مسلسل برقرار رهن ٿيون جنهن کي طويل ڪووڊ جو نالو ڏنو ويو آهي، ڪجهه علامتون اهي هونديون آهن جڏهن مريض ڪورونا جي شروعاتي مرحلي ۾ هوندو آهي ۽ ڪجهه علامتون ڪورونا جي شدت دوران رهجي وينديون آهن.
ان ڏس ۾ چين جي شهر ووهان جي 1733 اسپتالن جي مريضن جو جائزو ورتو ويو، بيجنگ ۾ چين جاپان دوستي اسپتال سان لاڳاپيل ماهر بن چيائو چيو آهي ته ڪجهه مريض اسپتال مان فارغ ٿيڻ کانپوءِ هاڻ به ڪووڊ 19 جي ڪجهه علامتن سان زندهه آهن، جن ماڻهن جو تجربو تمام گهڻو شديد رهيو انهن ۾ ان جون علامتون هاڻ به موجود آهن.
سروي موجب 76 سيڪڙو مريضن ٻڌايو ته ڪووڊ 19 جي هڪ ڪيفيت ان ۾ اڌ سال گذرڻ کانپوءِ به برقرار آهي، ان ۾ 63 سيڪڙو ماڻهن غنودگي ۽ هڏن ۾ ڪمزوري جي شڪايت ڪئي، 25 سيڪڙو مريضن ڊپريشن ۽ ننڊ نه اچڻ جي شڪايت ڪئي.
اڌ مريضن جا ايڪسري ورتا ويا ته انهن جي سيني ۾ انفيڪشن نما اثر نظر آَيا جيڪي بيماري جي شديد اثرن کي ظاهر ڪن ٿا، ٻئي طرف لنڊن جي ڪنگز ڪاليج جي پروفيسر فرانسس وليمز چيو ته ڪورونا وائرس جا اثر شايد ڪيترن ئي سالن تائين برقرار رهي سگهن ٿا.

96