مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو جي سينيٽ جو اوڻيتاليهون اجلاس نثار کهڙو جي صدارت هيٺ ٿي گذريو
ويب ڊيسڪ | 4 ڏينھن پھريان

ڄامشورو (پ ر) مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو جي سينيٽ جو 39هون اجلاس سنڌ جي وڏي وزير جي صلاحڪار نثار کهڙو جي صدارت هيٺ ٿي گذريو.
نثار احمد کهڙو چيو ته مهراڻ يونيورسٽي جو معاشي نظام بهتر ٿيڻ سبب اداري ديرپا ترقي ڪئي آهي. هن چيو ته مهراڻ يونيورسٽي پنهنجي شفافيت سبب ملڪ جي سرڪاري يونيورسٽين ۾ ٻئي نمبر تي يونيورسٽي جو اعزاز رکي ٿي.
مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو جي سينيٽ اجلاس ۾ سال 20-2021ع جي لاءِ بجيٽ پيش ڪئي وئي.
مهراڻ يونيورسٽي جي وائس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسلم عقيلي پرو چانسلر نثار احمد کهڙو کان مطالبو ڪيو ته حڪومت سنڌ سالياني بجيٽ ۾ مهراڻ يونيورسٽي جي لاءِ مستقل بجيٽ رکي، جنهن سان يونيورسٽي پنهنجا معاملا سٺي طريقي سان انجام ڏئي سگهندي.
سينيٽ اجلاس ۾ پرو وائس چانسلر مين ڪئمپس پروفيسر ڊاڪٽر طلحه حسين علي، خيرپور ڪئمپس جي پرو وائس چانسلر ڊاڪٽر عبدالسميع قريشي، رجسٽرار پروفيسر ڊاڪٽر عبدالوحيد عمراڻي، فيڪلٽيز جي ڊينز ۽ سينيٽ جي ٻين ميمبرن شرڪت ڪئي.

133