ڪورونا وائرس: آمريڪا ۾ هڪ ڏينهن دوران رڪارڊ پنجيتاليهه سئو فوتگيون

news

واشنگٽن: (اربع 13 جنوري 2021ع) آمريڪا ۾ 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وگهي رڪارڊ 4500 فوتگيون رپورٽ ٿيون آهن.

ميڊيا رپورٽن موجب آمريڪا ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران سوا 2 لک نوان ڪيس به سامهون آيا آهن. ان کان علاوه برطانيه ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وگهي وڌيڪ هڪ هزار 243 ڄڻا فوت ٿيا آهن جنهن کان پوءِ گڏيل طور تي فوتگيون 83 هزار کان وڌي ويون آهن.

ان حوالي سان گهرو سيڪريٽري پيتي پٽيل چيو آهي ته پابندين جي  ڀڃڪڙي ڪندڙن سان پوليس سختي سان منهن ڏيندي.

هوڏانهن ڪورونا جي حوالي سان برطانوي ميڊيا موجب برطانيه هن وقت سڀني کان وڌيڪ مشڪل ترين صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي. 1940 کان پوءِ برطانيه ۾ سڀني کان وڌيڪ فوتگيون ڪورونا وگهي ٿيون آهن.