تهران ۾ القاعده جي ٺڪاڻن بابت آمريڪي بيان خطرناڪ ڪوڙ آهي

news

تهران: ايران جي پرڏيهي وزير جواد ظريف پنهنجي آمريڪي هم منصب مائيڪ پومپيو جي بيان کي رد ڪندي چيو آهي ته اسان القاعده ۽ داعش جو نشانو رهيا آهيون ۽ اسان هنن جو ڄمي مقابلو ڪيو آهي.

عالمي خابرو اداري موجب ايران جي پرڏيهي وزير چيو آهي ته اسان القاعده جهڙي دهشتگرد جماعت خلاف جنگ ڪئي آهي ۽ اسان ان جي تشدد جو شڪار رهيا آهيون، ان ڪري ايران کي القاعده جو ڳڙهه چوڻ مائيڪ پوميو جو ”هڪ خطرناڪ ڪوڙ“ آهي.

سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ جواد ظريف لکيو ته ايران بابت فرضي ڪهاڻيون ٺاهڻ ۽ القائده سان تعلق جوڙڻ جهڙي سفيد ڪوڙ سان مائيڪ پومپيو پنهنجي وزارت جا باقي ڏينهن افسوس سان ختم ڪري رهيو آهي.

ايراني پرڏيهي وزير وڌيڪ چيو ته اهڙين ڪهاڻين سان ڪنهن کي بيوقوف نٿو بڻائي سگهجي، نائن اليون جا سمورا حملو ڪندڙ مائيڪ پومپيو جي پسنديده جاءِ تان آيا هئا.