پنوعاقل ڀرسان پنجن ورھين جو معصوم نينگر ٽريڪٽر ھيٺان اچي فوت

news

پنوعاقل (رپورٽ: قربان ملڪ) پنوعاقل لڳ ڳوٺ سانوڻ سوڍڙو ۾ پنجن ورھين جو نينگر ڪامران پٽ محمد مٺل سوڍڙو ٽريڪٽر ھيٺان اچي فوت ٿي ويو، جنھن کانپوءِ گھرڀاتين ۾ قھرام مچي ويو.

ان سلسلي ۾ سندس گھرڀاتين جو چوڻ ھو ته نينگر والد محمد مٺل سان ملڻ لاءِ ٽريڪٽر طرف وڌيو ته ريورس دوران ئي ھيٺان اچي فوت ٿي ويو، نينگر جي ٽريڪٽر ھيٺان اچڻ واري خبر کانپوءِ علائقي ۾ ڏُک جي لھر ڇائنجي وئي.

ھوڏانھن مبارڪپور پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته فوتي نينگر پنھنجي والد جي ٽريڪٽر ھيٺان اچي فوت ٿيو آھي، اتفاقي رپورٽ درج ڪئي وئي آھي.