جيڪب آباد ميونسپل ڪميٽي ۾ نيب ٽيم پهچي اسڪيمن جو جائزو ورتو، وڌيڪ پڇاڳاڇا جاري

news

جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالنبي مگسي) جيڪب آباد ميونسپل ڪميٽي ۾ ڪرپشن جي الزام هيٺ آفيس تي نيب ٽيم سکر جو ڇاپو، ملازمن ۾ ٿرٿلو مچي ويو.

نيب جي ٽيم چيف ميونسپل آفيسر سان شھر ۾ لڳل اسٽريٽ سولر لائيٽز سميت ترقياتي ڪمن جو معائنو ڪيو، نيب سکر جي ٽي رڪني ٽيم ڊپٽي ڊائريڪٽر انويسٽيگيشن آفيسر ٽو عاصم رضا پٺاڻ جي اڳواڻي ۾ پهتي ته ميونسپل ڪميٽي جي ملازمن ۾ ٿرٿلو مچي ويو.

نيب ٽيم ميونسپل ڪاميٽي جي ايڊمنسٽريٽر ۽ سي ايم او سان آفيس ۾ ويھي اسڪيمن بابت معلومات ورتي آهي.

ميونسپل عملدارن موجب ته نيب ٽيم ميونسپل پاران مختلف علائقن ۾ لڳرايل اسٽريٽ سولر لائيٽز بابت جاچ ڪرڻ لاءِ پهتي آهي، جڏهن ته نيب ٽيم ميونسپل جي الاٽيز جي الاٽمينٽ به چڪاسيندي، مختلف وقتن تي ٿيل ترقياتي ڪمن جو به دورو ڪيو ويندو.

نيب سکر جي ٽيم چيف ميونسپل آفيسر ۽ انجنيئر سان گڏجي شھر جي مختلف علائقن ۾ لڳل اسٽريٽ لائيٽز ۽ ترقياتي ڪمن جو پڻ معائنو ڪري جاچ ڪئي، ميونسپل ڪميٽي جي آفيس تي ڇاپي بعد نيب سکر ٽيم جي سربراهه پاران صحافين کي موقف ڏيڻ کان انڪار ڪندي ڊپٽي ڊائريڪٽر عاصم رضا پٺاڻ چيو ته اڃا هاڻي پهتا آهيون، اوهان کي ڇا ٻڌايون وڌيڪ معاملن جي جاچ ڪيون پيا.