چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج اسپتال مئنيجمينٽ بورڊ جو پهريون باضابطا اجلاس وي سي پروفيسر انيلا عطاءَ الرحمان جي صدارت هيٺ ٿي گذريو

news

لاڙڪاڻو (پ ر) چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج اسپتال مئنيجمينٽ بورڊ جو پهريون باضابطا اجلاس شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر انيلا عطاءَ الرحمان جي صدارت هيٺ ٿي گذريو.

اجلاس ۾ بورڊ جي ميمبرن مس ندا کهڙو، پروفيسر علي اڪبر ڀنڊ، اڳوڻي پروفيسر ڊاڪٽر رفيعه بلوچ، چانڊڪا اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر ارشاد ڪاظمي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. جڏهن ته ناڻي کاتي جي نمائندي اجلاس ۾ آن لائين شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ چانڊڪا ميڊيڪل اسپتال جي مجموعي صورتحال جو جائزو ورتو ويو، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته مئنيجمينٽ بورڊ لاءِ ڊائريڪٽر فنانس ۽ ڊائريڪٽر ايڊمنسٽريشن ۽ پروڪيورمينٽ جي عهدن کي قانون مطابق ۽ ميرٽ تي ڀرتي ڪيو ويندو.

اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته اسپتال ۾ گردن جي پيوندڪاري وارو عمل جلد شروع ڪيو ويندو، جڏهن ته اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته غريبن کي علاج جون مفت سهولتون يقيني بڻائڻ لاءِ ڪوششون ڪيون وينديون، جڏهن ته سرندي وارن لاءِ چارجز وارو نظام لاڳو ڪيو ويندو.

اجلاس کي خطاب ڪندي وائيس چانسلر انيلا عطاءَ الرحمان چيو ته چانڊڪا ميڊيڪل اسپتال جو معيار بهتر ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن، جنهن سان غريبن کي علاج جون مفت سهولتون ميسر ٿينديون، اسپتال کي عالمي معيار جو ادارو بڻايو ويندو.