مبارڪپور ڀرسان ڳوٺ ميرل آباد واسي موٽرسائيڪل سوار ٻارڙا کاهي ۾ ڪري پيا، زخمي

news

مبارڪپور (رپورٽ: مهر قربان علي) مبارڪپور ڀرسان ڳوٺ ميرل آباد واسي تيز رفتار موٽرسائيڪل سوار ٻارڙا ڳوٺ کان مبارڪپور اسڪول اچي رهيا هئا ته اوچتو ٻارڙن جي ڪنٽرول کان موٽرسائيڪل نڪري وئي، جيڪا وڃي کاهي ۾ ڪري پئي.

جنهن جي نتيجي ۾ عبدالوهاب، نعيم احمد ۽ عقيل احمد پٽ محمد اسلم ڪٽو کاهي ۾ ڪري سخت زخمي ٿيا پيا، جن کي ڳوٺاڻن زخمي حالت ۾ مبارڪپور اسپتال کڻائي آيا، جتي ٻارڙن کي طبي امداد ڏيڻ بعد وڌيڪ علاج لاءِ جيڪب آباد سول اسپتال منتقل ڪيو ويو.