چين موسمياتي شدت ۾ به پنهنجي رفتار برقرار رکندڙ بلٽ ٽرين ٺاهي ڇڏي

news

بيجنگ: چين هر قسم جي موسمياتي شدت ۾ به پنهنجي رفتار برقرار رکندڙ هڪ بلٽ ٽرين ٺاهي آهي جيڪا منفي 40 درجا سينٽي گريڊ ۾ 350 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان ڊوڙي سگهي ٿي.

هن ٽرين کي CR400AF-G جو نالو ڏنو ويو آهي جيڪا فيوڪسنگ ٽرين سيريز جو هڪ حصو آهي ۽ ان کي 6 جنوري تي منظرعام تي آندو ويو آهي، ٽرين جي پٽڙين ۽ نظام کي هاءِ اسپيڊ ٺاهيو ويو آهي جيڪا بيجنگ جي ڏکڻ اوڀر جي ٿڌن علائقن سان ڳنڍيندي.

چيني سرڪاري ريلوي ڪمپني چائنا ريلوي بيجنگ گروپ چيو آهي ته هن ٽرين کي تمام ٿڌي ماحول ۾ آزمايو ويو آهي ۽ ان جو سمورو نظام چڱيءَ طرح ڪم ڪري ٿو، سڀ کان اهم، ان جو بريڪ سسٽم آهي جيڪو انتهائي برفاني علائقي ۾ ناڪام ٿي وڃي ٿو، هاڻ ان ٽرين ۾ بريڪ جو نظام بلڪل درست انداز ۾ ڪم ڪندوجيڪا هڪ اهم ڪاميابي آهي.