دماغ کي ”پيٽ ڀرجي ويو“ جو سگنل ڏيندڙ برقي ڇلو تيار

news

ٽيڪساس: ٿولهه ۽ گهڻي کائڻ جو هڪٻئي سان لاڳاپو آهي، ان ڪري هاڻ پيٽ ڀرجڻ احساس ڏيندڙ هڪ پيوند (امپلانٽ) ٺاهيو ويو آهي جيڪو صرف هڪ سينٽي ميٽر جيترو آهي.

ٿولهه جو شڪار ماڻهو گيسٽرڪ باءِ پاس سرجري مان گذرندا آهن جيڪو مهانگو ۽ تڪليف ڏيندڙ عمل هوندو آهي، هاڻ تجرباتي طور تي هڪ پيوند ٺاهيو ويو آهي جيڪو صرف هڪ سينٽي ميٽر جيترو آهي.

ٽيڪساس اي اينڊ ايم يونيورسٽي جي پروفيسر سونگ پارڪ چپو نما ڇلو ٺاهيو آهي پر اهو دماغ کي پيغام موڪلي پنهنجو ڪم ڪري ٿو، ان جو هڪ پاسو لچڪدار آهي پر تمام گهڻي ايل اي ڊي ۽ ڪوائل نما اينٽينا هئين وئي آهي، هيٺئين حصي ۾ هڪ چپ هئين وئي آهي، ان اوزار کي هلائڻ لاءِ بيٽري موجود ناهي ڇو ته ان کي پيٽ ۾ رکڻ بعد جسم کان ٻاهر ريڊيائي لهرن سان بجلي ڏني ويندي آهي.

ان جو اصول تمام گهڻو سادو آهي يعني سرجري وسيلي ان کي پيٽ ۾ هڪ رڳ جي ويجهو هنيو ويندو آهي جنهن کي ويگس نرو چون ٿا، ويگس نرو دماغ ۽ پيٽ سميت ڪيترن ئي عضون ۾ رابطي جو ڪم ڪري ٿو، پيوند کي سرجري وسيلي ويگس نرو جي ڪناري تي هنيو ويندو آهي پوءِ جسم کان ٻاهر ٽرانسميٽر سگنل موڪلي ٿو جنهن جي ڪري پيٽ ۾ موجود خوردبيني ايل اي ڊي روشن ٿئي ٿي، اهڙيءَ طرح پيوند هڻندڙ ماڻهو گهٽ خوراڪ جو عادي ٿي ويندو آهي.