سنڌ زرعي يونيورسٽي جي رٽائرڊ ملازمن جي مطالبن جي مڃتا لاءِ جاري بک هڙتال خاطري بعد ختم

news

ٽنڊوڄام (رپورٽ: مستنصر علي جمالي) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي رٽائرڊ ملازمن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ شروع ڪيل احتجاج جي سلسلي کي وڌيڪ تيز ڪندي رٽائرڊ ملازم علي اصغر تنيو، فقير محمد بلوچ ۽ ٻين وائيس چانسلر سيڪريٽريٽ آڏو مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال شروع ڪري ڇڏي.

جنهن بعد شام دير سان وائيس چانسلر جي هدايتن تي نئين مقرر ٿيل رجسٽرار غلام محي الدين قريشي ۽ ڪراپ پروٽيڪشن فئڪلٽي جي ڊين پروفيسر جان محمد مري رٽائرڊ ملازمن جي بک هڙتالي ڪئمپ پهچي ڳالهيون ڪري ٻن مهينن اندر قسط جي صورت ۾ رهتن جي ادائيگي ڪرڻ جي لکت ۾ خاطري ڪرائي رٽائرڊ ملازمن جي بک هڙتال ختم ڪرائي ڇڏي.

رٽائرڊ ملازمن ۽ يونيورسٽي انتظاميا وچ ۾ طئه ٿيل ڳالهين مطابق ايندڙ مهيني جي 10 تاريخ تي رٽائرڊ ملازمن کي ڪجهه رهتون ادا ڪيون وينديون، جڏهن ته بقايا رهتون ۽ ٻيا مختلف الائونس ٻن مهينن اندر قسط وار ادا ڪيا ويندا.

ان موقعي تي ملازم اڳواڻن وائيس چانسلر، رجسٽرار ۽ فئڪلٽي ڊين جا ٿورا مڃيندي احتجاجي تحريڪ ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو.