سعودي ڊاڪار ريلي: چيمپئن ڊرائيور پيٽر هانسل وري فتح جو ڌاڪو ڄمائي ڇڏيو

news

رياض: سعودي ڊاڪار ريلي ۾ چيمپئن ڊرائيور پيٽر هانسل فتح جي وري برتري حاصل ڪري ورتي آهي، آسٽريليا جو ٽوبي پرائس حادثي جو شڪار ٿي اسپتال منتقل ٿي ويو آهي.

سامونڊي علائقي جي صحرائي ٽريڪ، ڊاڪار ريلي جي دلڪش منظرن ۽ ڌوڙ اڏائيندي مشڪل موڙ ڪاٽيندي ۽ مهارت ڏيکاريندڙ گاڏيون ۽ موٽر سائيڪلون ڌيان جو مرڪز رهيون، تيرهن ڀيرا رهندڙ چيمپئن” مسٽر ڊاڪار“ پيٽر هانسل هڪ ٻي فتح کانپوءِ مجموعي برتري ۾ اضافي جو ڌاڪو ڄمائي ڇڏيو.

روايتي حريف قطري درائيور نصر العطيه به زبردست مقابلو ڪيو، سترهن منٽ ۽ پنجاهه سيڪنڊ جو فرق اچي ويو، گاڏي جي خرابي سان ريس سنسني خيز ٿي وئي.

موٽر سائيڪل ايونٽ به زبردست رهي، چلي جو جوزي اگناسيو يارهن منٽ ۽ چوويهه سيڪنڊ اڳتي رهيو، آسٽريلوي رائيڊر ٽوبي پرآس جي بائيڪ سان حادثو پيش آيو، کيس کلي ميدان کان اسپتال منتقل ڪيو ويو، مشڪل ترين ٽريڪ تي رفتار، ڪنٽرول ۽ کٽڻ جي شوق ڏسندڙ کي به جوش ڏياري ڇڏيو.