ميرپور بٺورو ۾ شاعره ۽ اديب امر خورشيد شاهه جون ثقافت کاتي جي ڏاڍ خلاف دانهون، انصاف جي اپيل

news

ميرپور بٺورو (رپورٽ: علي اڪبر بڪيرو) لاڙ سان تعلق رکندڙ سنڌ جي نالي واري شاعر علي ڏنو شاهه جي نياڻي ليکڪه، شاعره ۽ اديب امر خورشيد شاهه کي ملندڙ ثقافت کاتي طرفان وظيفو گھٽائڻ، سنڌي ليئنگويج اٿارٽي مان جبري طور نوڪري مان برطرف ڪرڻ ۽ علاج نه ڪرائڻ خلاف پريس ڪلب صوفي شاهه عنايت ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ثقافت کاتي کيس نشانو بڻائيندي نوڪري مان برطرف ڪري ملندڙ سڀ مراعتون ختم ڪيون آھن، جنهن سبب آئون ۽ منھنجا ٻار سخت تڪليفن کي منهن ڏيئي رھيا آھيون.

مسئلن جي حل لاءِ مون حيدرآباد ۾ اٺن ڏينهن جي بک ھڙتال ڪئي ھئي جنهن دوران بک ھڙتال ختم ڪرائڻ ۽ مسئلا حل ڪرڻ جو واعدو ڪيو ويو ھو پر واعدا پورا نه ڪيا ويا، مجبورن مون کي وري احتجاج ۾ وڃڻ جي ضرورت محسوس ٿي رھي آھي.

ھن وڌيڪ چيو ته لاڙ جي اديبن ۽ شاعرن کي مسلسل نظرانداز ڪيو پيو وڃي، سنڌ ثقافت کاتو پسند ۽ ناپسند جي بنياد تي ڪم ڪري رھيو آھي، جنهن سبب اھل ۽ ضرورتمند قلمڪار سرڪاري مراعتن کان محروم ٿيندو پيو وڃي.

ھن چيو ته ثقافت کاتو فقط مخصوص ٽولي جي خاص خدمت ڪرڻ ۾ مصروف آھي. آخر ۾ ھن وزير اعليٰ سنڌ کان مطالبو ڪندي چيو ته منھنجو ڪانٽريڪٽ بحال ڪري مون کي وظيفو ڏيئي منھنجو علاج ڪرايو وڃي.