پاڪستان ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ ڇائيتاليهه مريض حياتيون وڃائي ويٺا

news

اسلام آباد: (خميس 14 جنوري 2021ع) ملڪ ۾ ڪورونا وائرس  وگهي هڪ ڏينهن دوران 46 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن جڏهن ته فعال ڪيسن جو انگ 33 هزار کان وڌيڪ آهي.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 41 هزار 574 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن کان پوءِ گڏيل ڪورونا 19 ٽيسٽن جو انگ 72 لک 43 هزار 650 ٿي ويو آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ وڌيڪ 3 هزار 097 هاڪاري ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.

اهڙي طرح پاڪستان ۾ ڪورونا جي گڏيل مريضن جو انگ 5 لک 11 هزار 921 ٿي ويو آهي. سرڪاري انگن اکرن موجب هينئر تائين سنڌ ۾ 2 لک 30 هزار 718، پنجاب ۾ هڪ لک 4748، ڪي پي ڪي ۾ 62 هزار 377، اسلام آباد ۾ 39 هزار 624، بلوچستان ۾ 18 هزار 488  آزاد ڪشمير ۾ 8 هزار 540 ۽ گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 882 ڄڻن ۾ ڪورونا جي سڃاڻپ ٿي آهي.

سرڪاري انگن اکرن موجب هن وقت ملڪ ۾ ڪورونا جي فعال مريضن جو انگ 33 هزار 869 ٿي ويو آهي جڏهن ته 2 هزار کان وڌيڪ مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 46 مريض فوت ٿي ويا آهن جنهن کان پوءِ هاڻ هن وبا سبب فوت ٿي ويل ماڻهن جو انگ گڏيل طور تي 10 هزار 818 ٿي ويو آهي.

اين سي او سي موجب ڪورونا وگهي هڪ ڏينهن ۾ 2 هزار 284 مريض صحتياب ٿي ويا آهن جنهن کان پوءِ صحتياب ٿيندڙ مريضن جو انگ 4 لک 67 هزار 234 ٿي ويو آهي.