شهزاد اڪبر مريم اورنگزيب کي پنجاهه ڪروڙ هرجاڻي جو نوٽيس اماڻي ڇڏيو
ويب ڊيسڪ | 6 ڏينھن پھريان

اسلام آباد: (خميس 14 جنوري 2021ع) وزيراعظم جي احتساب بابت صلاحڪار شهزاد اڪبر براڊ شيٽ بابت الزامن تي(ن) ليگ جي ترجمان مريم اورنگزيب کي قانوني نوٽيس اماڻي ڇڏيو آهي.
شهزاد اڪبر طرفان موڪليل نوٽيس ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته مريم اورنگزيب معافي گهري يا 50 ڪروڙ روپين جو هرجاڻو ادا ڪري. نوٽيس ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته مريم اورنگزيب جا الزام شهزاد اڪبر کي فعال ڪردار نڀائڻ کان روڪڻ جي ڪوشش آهي.
الزامن سان ان جي شهرت کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. نوٽيس موجب مريم اورنگزيب شهزاد اڪبر تي موسوي کان 50 سيڪڙو ڪميشن گهرڻ جو الزام لڳايو. ان ڪري هو وڪيلن جي فيس به ادا ڪري.

53