حسن علي گهر واري جي محبت کان سواءِ زندگي گذارڻ ناممڪن قرار ڏئي ڇڏيو

news

لاهور: (خميس 14 جنوري 2021ع) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر حسن علي چيو آهي ته منهنجي گهر واري سامعه سان گڏ ۽ محبت کان سواءِ  زندگي جي سوچڻ جو ڪوبه جواز نه آهي.

ميڊيا رپورٽ موجب حسن علي سوشل ميڊيا تي پنهنجي گهر واري سان گڏ هڪ نئين تصوير شيئر ڪئي. جنهن جي ڪيپشن ۾ هن لکيو ته اسان جي زندگي ۾ هڪ تبديلي اچڻ واري آهي. حسن چيو ته اوهان جي محبت ۽ تعاون کان سواءِ مان پنهنجي زندگي جو تصوير به نٿو ڪري سگهان.

قومي  رانديگر پنهنجي پوسٽ جي ڪيپشن ۾ بيش ٽيگ به استعمال ڪيو. قومي رانديگر پنهنجي گهر ۾ ننڍي مهمان جي اچڻ جي خوشخبري ڏيندي پنهنجي پوسٽ جي ڪيپشن ۾ بيش ٽيگ Soontobe3 به استعمال ڪيو.