گوهر خان جي نئين تصوير مداحن کي ڳڻتي ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو

news

ممبئي: (خميس 14 جنوري 2021ع) تازو ئي شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويل بالي ووڊ اداڪاره گوهر خان جي نئين تصوير مداحن کي ڳڻتي ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي.

گوهر خان گذريل ڏينهن بالي ووڊ جي مشهور موسيقار اسماعيل دربار جي پٽ زيد دربار سان شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي وئي هئي ۽ تقريبن پورو مهينو پنهنجي شادي سبب خبرن جي زينت به رهي. هاڻ گوهر خان پنهنجي هڪ تصوير انسٽاگرام تي پوسٽ ڪئي آهي جنهن ۾ هن کي پيلي رنگ جا ڪپڙا پاتل آهن.

تصوير جي ڪيپشن ۾ گوهر خان (اترنگز لانچ) لکيو آهي. اترنگز اصل ۾ گوهر  جي مڙس زيد دربار جو ڊانس اسٽوڊيو آهي جنهن کي تازو ئي لانچ ڪيو ويو آهي. زيد دربار به بالي ووڊ ۾ ڪوريو گرافر جي حيثيت سان ڪم ڪري رهيو آهي.

هن تصوير تي ڪيترن ئي ماڻهن طرفان پسنديدگي جواظهار ڪيو ويو پر ڪجهه صارفين جي ڌيان جو مرڪز گوهر خان جي ٽنگن جي ڪجهه حصن ۾ نظر ايندڙ ڪارا نشان آهن. ڪجهه صارفين ڪمنٽ ۾ گوهر خان کان ان حوالي سان پڇاڻو به ڪيو پر ان جو ڪوبه سبب سامهون ناهي اچي سگهيو.