بابر اعظم فٽنس مسئلن کان جان ڇڏائي باقاعده بيٽنگ پريڪٽس شروع ڪري ڏني

news

لاهور: (خميس 14 جنوري 2021ع) پاڪستاني ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم فٽنس مسئلن مان جان ڇڏائي باقاعده بيٽنگ جي پريڪٽس شروع ڪري ڇڏي آهي.

ڏکڻ آفريقا جي خلاف هوم سيريز جي تيارين جي لاءِ بابر اعظم اظهر علي سان گڏجي بيٽنگ سيشن ڪئي. نيشنل هاءِ پرفارمنس سينٽر ۾ بابراعظم ٻن ڏينهن کان پنهنجي ڪلب ٽرينر سان گڏ نيٽ ۾ هلڪي ڦلڪي پريڪٽس ڪري رهيو هو.

پهريون ڀيرو هن وهاب رياض جهڙي تيز بالر جي سامهون بيٽنگ پريڪٽس ڪئي آهي. ان سان گڏ اظهر علي به ڪافي دير تائين وهاب رياض ۽ ٻئي نوجوان بالر جي سامهون بيٽنگ پريڪٽس ڪري خامين کي دور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. 

پي سي بي ذريعن ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته بابر اعظم مڪمل فٽ ٿي چڪو آهي امام الحق کي به هڪ کان ٻن ڏينهن ۾ بيٽنگ پريڪتس ڪرڻ جي اجازت ملي ويندي. هاڻ هو جم ورڪ ڪري رهيا آهن. ليگ اسپنر شاداب خان جو به هاءِ پرفارمنس سينٽر ۾ ري هيب جاري آهي.