ڏکڻ آفريقا خلاف ٽيسٽ سيريز: پاڪستاني ٽيم ۾ چار کان پنج تبديلين جو امڪان
ويب ڊيسڪ | 3 ڏينھن پھريان

لاهور: (خميس 14 جنوري 2021ع) پاڪستان ٽيسٽ اسڪواڊ ۾ چار کان پنج تبديلين جو امڪان آهي.
ذريعن موجب حسن علي، سعود شڪيل ۽ روحيل نذير ٽيسٽ اسڪواڊ جا مضبوط اميدوار آهن. ذريعن موجب حارث سهيل، شان مسعود، سهيل خان، محمد عباس کي ڊراپ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب اڳوڻي ڪپتان سرفراز احمد جو اسڪواڊ ۾ شامل ٿيڻ ڏکيو آهي. روحيل نزير کي شامل ڪرڻ جي راءِ سامهون ائي آهي. ذريعن موجب فاست بالرن لاءِ روٽيشن پاليسي ۽ فارميٽ مخصوص رکڻ تي به صلاح مشورو ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب صلاح مشوري جو سلسلو سڀاڻي به جاري رهندو. اسڪوڊ جو اعلان جمعي تي ٿيندو. ياد رهي ته نيوزيلينڊ جو دورو مڪمل ڪرڻ کان پوءِ هاڻ پاڪستان ڏکڻ آفريقا خلاف هوم سيريز کيڏندو.

111