اسرائيل وڃڻ کان انڪار تي عرب اماراتي ايئرلائن جو پائليٽ معطل

news

انوظهبي: (خميس 14 جنوري 2021ع) متحده عرب امارات جي ايئرلائين اسرائيل وڃڻ کان انڪار تي پائليٽ کي معطل ڪري ڇڏيو آهي.

پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب عرم امارات جي ايئرلائين امريٽس اسرائيل وڃڻ کان انڪار تي تيونس جي پائليٽ کي معطل ڪري ڇڏيو. مونم صاحب التبا موجب ايمرينس ايئرلائن فلائٽ کي اسرائيل جي گادي واري شهر والاريل بيت المقدس  کڻي وڃڻ جو چيو ته پر انڪار تي کيس معطل ڪيو ويو.

تيونس سان تعلق رکندڙ اماراتي ايئرلائن جي پائلٽ مونم صاحب التبا سماجي رابطي جي سائٽ فيس بڪ تي پنهنجي پوسٽ ۾ چيو آهي ته مون کي پنهنجي فيصلي تي ڪوبه ڏک ناهي ۽ صرف الله ئي  منهنجو مددگار آهي.

مقامي ميڊيا سان ڳالهين ۾ هن جو چوڻ هو ته معطلي کان پوءِ انضباطي ڪميٽي جي سامهون پيش ٿيڻو آهي جڏهن ته ايئرلائن انتظاميه جي دٻاءُ سبب مان پنهنجو فيس بڪ اڪائونٽ به بند ڪري ڇڏيو آهي.