سڪرنڊ لڳ ٽرالر جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر، هڪ عورت فوت، پٽ زخمي

news

سڪرنڊ (رپورٽ: مشتاق سولنگي) قومي شاھراهه تي ايڪسائيز چيڪ پوسٽ وٽ ٽرالر جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر، جنهن جي نتيجي ۾ 42 ورهين جي عورت رضيا زال عبدالحميد انڙ ٿڏي تي فوت ٿي وئي، جڏهن ته سندس پٽ وسيم انڙ معمولي زخمي ٿي پيو.

اطلاع ملڻ تي سڪرنڊ پوليس لاش ۽ زخمي کي کڻائي تعلقي اسپتال سڪرنڊ پهچايو، جتي ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.

زخمي وسيم انڙ ٻڌائيندي چيو ته اسان پنهنجي ڳوٺ پراڻو ڌڌ کان سعيدآباد مائٽن ۾ وڃي رهيا هئاسين ته هي اچانڪ واقعو پيش آيو. جڏھن ته ٽرالر ڊرائيور ٽرالر سميت فرار ٿي ويو.