ميرپورخاص ريلوي اسٽيشن تان نشي جي عادي شخص جو لاش ھٿ، سڃاڻپ نه ٿي

news

ميرپورخاص (رپورٽ: حبيب لغاري) ميرپورخاص ريلوي اسٽيشن تان نشي جي عادي شخص جو لاش ريلوي پوليس کي ھٿ آيو.

ريلوي پوليس پاران لاش جي ڪا به سڃاڻپ نه ٿيڻ بعد سول اسپتال ميرپورخاص منتقل ڪري ڇڏيو، جتي لاش مرده خاني ۾ پيل آھي پر اڃا تائين سڃاڻپ نه ٿي سگھي آھي.

ياد رھي ته ميرپورخاص ريلوي اسٽيشن ۽ ڀرپاسي نشي واپرائيندڙ ماڻھن جو ھڪ وڏو تعداد آھي، جيڪو نشو واپارائڻ بعد اسٽيشن جي ڦٽ پاٿ تي سمھي رھندا آھن، جڏھن ته سخت سردي جي موسم ۾ اڪثر نشي جا عادي ماڻھو فوت ٿين ٿا پر ان ڏس ۾ انتظاميا پاران اڄ تائين ڪنھن به قسم جا قدم نه کنيا ويا آھن.