مسوڀرڳڙي ڀرسان ھٽڙي يوسي جي اڳوڻي چيئرمين سيد ذوالفقار علي شاهه جي مان ۾ آجياڻو ڏنو ويو

news

مسوڀرڳڙي (رپورٽ: پانچورام) مسوڀرڳڙي ڀرسان ھٽڙي يونين ڪائونسل جي اڳوڻي چيئرمين سيد ذوالفقار علي شاهه جي مان ۾ آجياڻو ڏنو ويو.

ھٽڙي يونين ڪائونسل ۾ چيئرمين جي عهدي تي پنج سال مڪمل ڪرڻ تي ھٽڙي ۾ عبدالشڪور ھاليپوٽو پاران يونين ڪائونسل ھٽڙي جي اڳوڻي چيئرمين سيد ذوالفقار علي شاهه عرف ڪامل شاهه جي مان ۾ آجياڻو ڏنو ويو.

آجياڻي تقريب ۾ اڳوڻي يوسي چيئرمين  ھٽڙي سيد ذوالفقار شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو  ته اسان پنهنجي ٽائيم ۾ علائقي اندر ڪافي ترقياتي ڪم ڪرايا آهن اسان عبدالشڪور ھاليپوٽو جا شڪر گذار آهيون جن اسان جي مان تقريب ڪوٺائي.

ان موقعي تي اڳوڻي وائيس چيئرمين علي نواز ڏاھري، عبدالشڪور ھاليپوٽو، محمد علي بروھي، اعجاز ٻاگھل، وڏيرو محرم پالاري ۽ ٻين پڻ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو.

تقريب ۾ شڪور منگواڻو، عبدالجبار گاهو، محمد علي ڪورائي، شوڪت گوپانگ، وڏيرو اياز ڏاهري، وڏيرو نبي بخش ڏاهري، ذوالفقار ملاح، عبدالحميد شاهي، نسيم چانڊيو، حميد پالاري، نبي بخش پالاري، گهنور خان پالاري، عبدالقدير پالاري، الھ جڙيو سيهڻو، غلام مصطفيٰ چانڊيو، درياهه خان، ذوالفقار پرھياڙ ۽ ٻين شرڪت ڪئي.