واهي پانڌي لڳ ڳوٺ رشيد جمالي جي رهواسين جو بنيادي سهولتون فراهم نه ڪرڻ خلاف احتجاج

news

واهي پانڌي (رپورٽ: گل لغاري) واهي پانڌي لڳ ڳوٺ رشيد جمالي جي رهواسين بنيادي سهولتن لاءِ واهي پانڌي جوهي روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي، سوين گاڏيون بيهي ويون.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي قربان جمالي، بشير جمالي رشيد ۽ ٻين چيو ته هن جديد دور ۾ اسان جو ڳوٺ گذريل ويهن سالن کان بجلي، پاڻي سميت ٻين بنيادي سهولتن کان محروم آهي، بار بار چونڊيل نمائندن وٽ وڃڻ باوجود سکڻا ڏٽا ڏئي واپس ڪيو وڃي ٿو.

سالن کان اسان جي ڳوٺ جي مسئلا حل نه ٿي سگهيا آهن، هنن وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه، ايم اين اي رفيق احمد جمالي کان مطالبو ڪيو ته ڳوٺ کي بنيادي سهولتون فراهم ڪري بي چيني ختم ڪئي وڃي.