ڪراچي ۾ ايس ايس ملير جي انٽيلجنس ٽيم ۽ ايس ايڇ او جي ڪارروائي، زمينن تي قبضو ڪندڙ ست ڄڻا گرفتار

news

ڪراچي (رپورٽ: نبي بخش خاصخيلي) ايس ايس ملير جي انٽيلجنس ٽيم ۽ ايس ايڇ او گڏاپ سٽي شعيب الرحمان جي گڏيل ڪارروائي دوارن زمينن تي قبضو ڪندڙ لينڊ گريبر شاھد ولد رياض ۽ سندس جا ساٿي صابر حسين ولد نظر، فيض ولد شريف، ظفر عرف پپو، سيد خرم، ناظم ولد صدرالدين، عزيز ۽ شڪيل کي گرفتار ڪري سندن مٿان مختلف نوعيت جا ڪيس داخل ڪري سندن جي وڌيڪ سھولتڪارن خلاف ڪارروايون شروع ڪري ڇڏيون آھن.