ڪڙيو گهنور ڪاليج جدوجهد ڪميٽي پاران پنجين ڏينھن به ڪاليج جي بحالي لاءِ بک هڙتال جاري
آن لائين انڊس رپورٽر | 2 ڏينھن پھريان

ڪڙيو گهنور (رپورٽ: عرفان بخاري) ڪڙيو گهنور ڪاليج جدوجهد ڪميٽي پاران پنجين ڏينھن به ڪاليج جي بحالي لاءِ بک هڙتال جاري.
تفصيل موجب ڪڙيو گهنور ڪاليج جدوجهد ڪميٽي جي اڳواڻ حسام نظاماڻي، گيانچند مهيشوري ۽ ٻين پاران پنجين ڏينهن به ڪاليج جي بحالي جي لاءِ شھيد فاضل راهو چوڪ تي بک هڙتال جاري رکي.
جڏهن ته بک هڙتال ڪئمپ تي جيئي سنڌ قومي پارٽي چئيرمين نواز خان زئور، شيراز پھنور، عوامي جمهوري پارٽي جي اڳواڻ وشنو مل، عظيم راهمون، ڏاڏا يوسف ڪنڀار، رمضان ڪنڀار، سرمد چانگ ۽ ضياءَ نظاماڻي سميت ڪيترن ئي شرڪت ڪئي.
هنن چيو ته ڪاليج جو ترقياتي ڪم جلد کان جلد مڪمل ڪري مقامي نوجوانن جي مستقبل کي بچايو وڃي، تعليمي عمل بحال ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو ڏينهون ڏينهن وسيع ڪيو ويندو.

81