جيڪب آباد ۾ نوجوان جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج ڪندڙن تي پوليس ڪڙڪي پئي، وارثن جون دانهون
آن لائين انڊس رپورٽر | 2 ڏينھن پھريان

جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالنبي مگسي) جيڪب آباد ۾ نوجوان جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ وارثن جو احتجاج، پوليس انصاف ڏيڻ بجاءِ مظاهرين تي ڪڙڪي پئي، عورتن ۽ مردن تي تشدد، گرفتار.
جيڪب آباد جي سول لائن ٿاڻي جي حد گاھه پڙي وٽ اٺ مھينا اڳ قتل ٿيل نوجوان اسلم شاهه جا قاتل گرفتار نه ٿي سگهيا، وارث سراپا احتجاج بڻيل آهن، مقتول جي وارثن امڙ خير بيبي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ قتل ڪيس ۾ گھربل جوابدارن جي گرفتاري لاءِ قومي شاهراهه تي شهيد الھ بخش سومرو پارڪ وٽ ڌرڻو هنيو ويو ته پوليس احتجاج ڪندڙن تي ڪڙڪي پئي عورتن ۽ مردن تي تشدد ڪري گرفتار ڪيو.
ان موقعي تي مظاهرين دانھون ڪندي چيو آهي ته قتل به اسان جو نوجوان ٿيل آهي، تشدد به اسان تي ڪيو پيو وڃي، نوجوان جي قتل ڪيس ۾ گھربل جوابدار سرعام گھمي رھيا آھن پر پوليس خاموش بڻيل آهي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج ڪرڻ تي تشدد ڪيو ويو.
ھنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو، ايس ايس پي جيڪب آباد ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته مقتول جي قاتلن گرفتار ڪيو وڃي، تشدد ڪندڙ پوليس اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

49