پنوعاقل ڀرسان تيل جي خالي ٽينڪر مان نوجوان جو لاش ھٿ، گھر ۾ قھرام متل
آن لائين انڊس رپورٽر | 2 ڏينھن پھريان

پنوعاقل (رپورٽ: قربان ملڪ) پنوعاقل ڀرسان تيل جي خالي ٽينڪر مان نوجوان جو لاش ھٿ، گھر ۾ قھرام.
ڳوٺ نوراجا جو رھواسي 23 ورھين جو نوجوان وسيم رند جو گنڊوکري ڦاٽڪ لڳ پئٽرول پمپ تان تيل جي خالي ٽينڪر مان لاش ھٿ آيو آھي.
اطلاع تي سانگي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي لاش ڪڍرائي تعلقي اسپتال پھچايو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، نوجوان جو لاش گھر پھچڻ تي قھرام مچي ويو.
ھوڏانھن ايس ايڇ او سانگي محمد خان سيال رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو تہ نوجوان جو لاش ٽينڪر مان ھٿ آيو آھي، ڪيئن فوت ٿيو آھي جاچ ڪري رھيا آھيون، پوسٽ مارٽم رپورٽ بعد حقيقت واضح ٿي ويندي.
ٻئي طرف نوجوان جي والد منير رند اسپتال ۾ ميڊيا کي ٻڌايو ته پٽ گذريل ڏينھن کان گم ھو، ڪنھن سان به دشمني ناھي ۽ نه ئي ڪنھن تي شڪ آھي، اللہ جي رضا ۾ راضي آھيان.
علائقي واسين موجب نوجوان ٽينڪر مان بچيل تيل ڪڍڻ لاء ٽينڪر ۾ لٿو، ساھ ٻوساٽجڻ سبب فوت ٿيو آھي، واقعي واري ھنڌ سوين شھري گڏ ٿي ويا، جڏھن تہ 3 ڪلاڪن جي مسلسل ڪوشش کانپوءِ لاش ٽينڪر مان ٻاھر ڪڍيو ويو.

59