مورو پريس ڪلب جي سينئر صحافي جماڻي بخشل احمد جي سالگرهه ملهائي وئي
آن لائين انڊس رپورٽر | 2 ڏينھن پھريان

مورو (رپورٽ: رزاق مستوئي) پريس ڪلب جي سينئر صحافي ۽ اڳوڻي صدر جماڻي بخشل احمد جي 63 ھين سالگرهه جو مورو جي صحافين پاران ڪيڪ مورو پريس ڪلب ۾ ڪاٽيو ويو.
جنھن ۾ بشير احمد لغاري، محمد اسحاق ڪورائي، نواب علي اصغر ڪورائي، خدا بخش ميمڻ، اختر لغاري، منظور لغاري، آفتاب سومرو، مشتاق سولنگي، جاويد مصطفيٰ ڪانڌڙو، ظفرالحق پنھور، جاني جماڻي، وحيد رزاق مستوئي، راؤ عزيز راجپوت، عمران سنڌي، امداد ميمڻ ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
ڪيڪ ڪاٽڻ واري تقريب دوران ڄاڻايل صحافين جماڻي بخشل احمد بابت ڳالھائيندي چيو ته ھو ھڪ بيباڪ، سچو ۽ کرو صحافي آھي، ھن سدائين قلم ذريعي غريب ماڻھن، مظلوم، پورھيتن ۽ بي پھچ عوام لاءِ حق ۽ سچ جو آواز بلند ڪري کين انصاف ڏيارڻ لاءِ سڄي عمر جاکوڙيو آھي.
ھن آفتاب اخبار ۾ 1980 کان صحافت جي شروعات ڪئي جيڪا ان ٽائيم ڏاڍي ڏکين حالتن ۾ صحافت ھوندي ھئي پر جماڻي بخشل احمد مورو جي ٻين سينئر صحافين سان گڏجي مورو جي عوام جي حقن جي حاصلات ۽ ظالمن، منشيات فروشن، بدمعاشن ۽ سماج دشمن عناصرن خلاف قلم ذريعي مھاڏو اٽڪائيندو رھيو آھي ۽ ھو اڄ به 63 سالن جي ڄمار ۾ ھئڻ جي باوجود سچ لکڻ ۽ سچ ڳالھائڻ کان نه ڪيٻائيندو آھي، جنھن تي مورو جي صحافين ۽ سياسي سماجي اڳواڻن ۽ باشعور شھرين کي سندس لکڻين ۽ سچ ڳالھائڻ تي فخر ھوندو آھي.
ان موقعي تي مورو جي صحافين پاران جماڻي بخشل احمد کي گلن جا ھار پارائي مبارڪباد ڏيندي سندس وڏي ڄمار ۽ صحتيابي لاءِ دعا گھري وئي.

33