جيڪب آباد جي عدالت پاران ٻڌڻي دوران شهر ۾ صفائي نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار
آن لائين انڊس رپورٽر | 2 ڏينھن پھريان

جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالنبي مگسي) جيڪب آباد جي عدالت ۾ گندگي، پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي جي کوٽ ۽ سيپڪو جو واٽر سپلاءِ تي غيرقانوني ڪنيڪشن ختم نه ڪرڻ بابت درخواستن تي ٻڌڻي ٿي، شھر ۾ صفائي نه ٿيڻ تي عدالت پاران ڪاوڙ جو اظهار
خبر موجب جيڪب آباد جي فرسٽ سول جج جوڊيشل مئجسٽريٽ امتياز حسين لاکير جي عدالت ۾ جيڪب آباد ۾ گندگي، پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ، واٽر سپلاءِ فيڊر تي لوڊشيڊنگ ۽ غيرقانوني ڪنيڪشن متعلق درخواستن تي الڳ الڳ ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ ميونسپل ڪميٽي جيڪب آباد جي ايڊمنسٽريٽر ذوالفقار دائود پوٽو، سيپڪو ايس ڊي او عاقل سرڪي، ايم ايس ڊي پي جا عملدار ۽ ٻيا پيش ٿيا.
عدالت جيڪب آباد شھر ۾ گندگي ختم نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، جنهن تي ميونسپل جي ايڊمنسٽريٽر چيو آهي ته چارج ورتي ھفتو ٿيو آهي ھڪ مھيني جي مھلت ڏني وڃي سڄي شھر مان گندگي ختم ڪري صاف ڪيو ويندو، افضل خان کوسو روڊ تي ٻه ڏينهن جي اندر صفائي ڪرائي رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي ويندي.
عدالت ميونسپل جي ايڊمنسٽريٽر جي اھڙي يقين ڌياني بعد ٻڌڻي 16 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
جڏهن ته ذوالفقار شاهه ۽ عبدالخالق جي درخواست تي واٽر سپلاءِ فيڊر تي غيرقانوني ڪنيڪشن جو خاتمو نه ڪرڻ تي جج سيپڪو عملدارن کي ڇنڊ پٽيندي ريمارڪس ڏيندي چيو ته جيڪڏهن ميونسپل ايڊمنسٽريٽر، سيپڪو ايڪسئين ۽ ايس ايڇ او مولاداد عدالت جي حڪمن جي تعميل نه ڪئي ته انھن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويندو.
ميونسپل جي ايڊمنسٽريٽر ذوالفقار علي دائودپوٽو عدالت کي ٻڌايو ته پاڻي جو منصوبو وڏو آهي اسان کي مڪمل ڪري ڏنو وڃي ته سنڀالڻ لاءِ تيار آهيون، واٽر سپلاءِ فيڊر تي غيرقانوني ڪنيڪشن ختم ڪرڻ لاءِ سيپڪو ذميواري نه ٿي کڻي، ميونسپل پاران پاڻ فريادي ٿي غيرقانوني ڪنيڪشن ھڻندڙن خلاف ڪيس داخل ڪري جلد آپريشن ڪرايو ويندو، جنهن بعد عدالت ٻڌڻي 24 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.
ان سلسلي ۾ ايڊووڪيٽ جي ايم سومرو ٻڌايو ته عدالت شھر ۾ گندگي ختم نه ڪرڻ تي ميونسپل عملدارن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو جڏهن ته سيپڪو عملدارن کي واٽر سپلاءِ فيڊر تي غيرقانوني ڪنيڪشن ختم نه ڪرڻ تي ڇنڊ پٽيندي عدالتي حڪمن تي عمل نه ڪرڻ تي ڪيس داخل ڪرائڻ جي وارننگ پڻ ڏني آهي ميونسپل ڪميٽي جي ايڊمنسٽريٽر ۽ ايڪسئين سيپڪو کي عدالتي حڪمن تي عمل نه ڪرڻ تي شوڪاز نوٽيس به جاري ڪيو ويو آهي.

51