جيڪب آباد ۾ ھڪ ڏينھن اڳ سڱاوتي تڪرار تان قتل ٿيل دڪاندار جا قاتل گرفتار نه ٿيا، ڪيس داخل
آن لائين انڊس رپورٽر | 2 ڏينھن پھريان

جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالنبي مگسي) جيڪب آباد ۾ ھڪ ڏينھن اڳ سڱاوتي تڪرار تان قتل ٿيل دڪاندار جا قاتل گرفتار نه ٿي سگهيا، پٽ جي فرياد تي ٻن ڀائرن سميت چئن جوابدارن خلاف ڪيس داخل.
جيڪب آباد جي سٽي ٿاڻي جي حد سئنيما روڊ تي سڱاوتي تڪرار تان قتل ٿيل دڪاندار امان الله بروهي جا قاتل گرفتار نه ٿي سگهيا آهن، پوليس جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون نه ورتيون آهن، جڏهن ته سٽي ٿاڻي تي مقتول جي پٽ عنايت الله بروهي جي فرياد تي لاڙڪاڻي واسي چئن جوابدارن قمبر علي، الطاف سڌير، احمد چانڊيو ۽ ھڪ اڻ سڃاتل جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
ان سلسلي ۾ سٽي پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ لاڙڪاڻي ٽيم ويل آهي جلد جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو.

54