ميرپور بٺورو لڳ ڳوٺ محمد ٻائيتار ۾ عوامي تحريڪ ۽ سنڌي هاري تحريڪ پاران ۾ مچ ڪچھري ڪوٺائي وئي

news

ميرپور بٺورو (رپورٽ: علي اڪبر بڪيرو) ميرپور بٺورو عوامي تحريڪ ۽ سنڌي هاري تحريڪ ضلعي سجاول پاران ڳوٺ محمد ٻائيتار ۾ ايوب ٻائيتار، عبدالرزاق ٻائيتار ۽ ٻين ڳوٺاڻن پاران عوامي مچ ڪچھري وسيلا بچايو، سنڌ بچايو، ٻيٽ بچايو سنڌ بچايو جي سري تحت ڪوٺائي وئي ۽ ان ۾ عوامي تحريڪ جي لاڏاڻو ڪري ويل ڪامريڊ پنهون ٻائيتار ۽ سنڌي گرلس اسٽوڊنٽس تحريڪ جي اڳوڻي ضلعي اڳواڻ رضيا ٻائيتار جو ڏهاڙو به ملهايو ويو.

ڪچھري تقريب جي صدارت عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينئر نائب صدر ڏاڏا قادر رانٽو ڪئي، مهمان خاص مرڪزي اڳواڻ پرويز ميمڻ هو، مچ ڪچھري ۾ ضلعي سجاول جو صدر حسين آزاد، ساگر مجيد پرھياڙ، ايوب ٻائيتار، سنڌي هاري تحريڪ جو مرڪزي اڳواڻ محمد ڏيٿو، درياخان زئور بچل ملاح، نواز ڏيٿو، احسان ٻجورو، علي احمد بڪڪ، سائين موسيٰ درس، مرتضيٰ زئور ۽ ٻين ماڻھن وڏي انگ ۾  شرڪت ڪئي، تقريب ۾ سگهڙن ۽ فنڪارن فن جو مظاھرو ڪري محفل کي مچائي ڇڏيو.

ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته عوامي تحريڪ پرامن جدوجهد ۽ مچ ڪچھرين ذريعي سڄي سنڌ ۾ هرهڪ ننڍي وڏي ڳوٺ ۽ شھر شھر ۾ سنڌي ماڻھن کي سجاڳ ڪري پنهجن وسيلن جي مالڪي ڪرڻ ٻڌي ڪري جدوجهد جي ميدان تي نڪرڻ پيغام پهچائي رهي آھي.

هنن وڌيڪ چيو ته مچ ڪچھري ذريعي سڄي سنڌ ۾ ھڪ سجاڳي مهم هلائي سنڌ کي بيدار ڪري رهيا آھيون، هنن چيو ته ڪامريڊ پنهون ٻائيتار ۽ رضيا ٻائيتار سنڌ جي ٻين سورمن جيئان پنهنجي ڌرتي ۽ قوم جي لاءِ زندگي جي آخري گهڙين تائين فڪر پليجو جي واٽ تي هلندي هميشه لاءِ امر ٿي ويا.

ٻي نشست ۾ فنڪارن يعقوب خاصخيلي، گل محمد گگهڙ ۽ عبالستار ميمڻ پاون تي قومي ڌنون وڄائي خوب داد حاصل ڪيو، ان کانپوءِ وسيم رند قومي گيت، محمد ڏيٿو نڙ بيت ۽ خدابخش کاهوڙي لطيف سائين جا بيت ٻڌائي محفل کي مچائي ڇڏيو، محفل ۾ علائقي جي ماڻھن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.