شھدادپور لڳ ٻرھون ۾ گڏھن جو گوشت ڪُھي وڪرو ڪرڻ جو انڪشاف

news

شھدادپور (رپورٽ: سيفل عباس ساند) شاھپورچاڪر ۽ شھدادپور جي وچ واري علائقي ٻرھون ۾ گڏھن جو گوشت ڪھي وڪرو ڪرڻ جو انڪشاف.

نامعلوم ڪار سوارن ٻن گڏھن کي ڪھي گوشت کڻي فرار ٿي ويا، جڏھن ته گڏھن جون منڍيون ۽ رت لڳل ڪپڙا پڻ اتي اڇلائي ويا، پوليس چيڪ پوسٽ جي انچارج حاڪم ڀنگوار موجب ته نامعلوم ماڻھو جيڪي ٽوڊي ڪار ۾ سوار ھئا انھن گڏھن جون منڍيون ۽ پنھنجا رت ۾ ڀريل ڪپڙا اتي اڇلائي فرار ٿي ويا آھن، جن جي ڳولا جاري آھي.

 جڏھن ته اھڙي صورتحال بعد علائقي واسين ۾ بيچيني ڇانئجي وئي آھي. ٻئي پاسي اھو خدشو ظاھر ڪيو پيو وڃي ته اھو گوشت ٻرھون،  شاھپورچاڪر، شھدادپور، مقصودو رند، سنجھورو ۽ کڏڙو سميت آس پاس جي علائقن ۾ گوشت جي دڪانن تي وڏي گوشت ۾ ملاوٽ ڪري فروخت ڪري عوام کي کارايو ويندو.