ميرپوربٺورو ۾ قومي شاعر ابراهيم منشي ۽ قومپرست اڳواڻ مير مولا بخش لغاري جي سالگرهه ملهائي وئي

news

ميرپوربٺورو (رپورٽ: علي اڪبر بڪيرو) ميرپور بٺورو ۾ جيئي سنڌ قومي پارٽي پاران قومي شاعر مرحوم ابراهيم منشي ۽ قومپرست اڳواڻ مرحوم مير مولا بخش لغاري جي سالگرهه تقريب صوفي شاهه عنايت پريس ڪلب ميرپور بٺوري ۾ ملهائي وئي.

تقريب جي صدارت پارٽي چيئرمين نوازخان زئور ڪئي. تقريب ۾ ڪيڪ ڪاٽيندي ٻنهي شخصيتن کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو.

ان موقعي تي صدارتي خطاب ڪندي جيئي سنڌ قومي پارٽي جي سربراهه نواز خان زئور چيو ته ابراهيم منشي ۽ مير مولا بخش لغاري تمام وڏا نالا آهن ۽ ٻنهي شخصيتن پنهنجي دؤر ۾ سنڌ جي ماڻھن کي وڏي پئماني تي متاثر ڪيو. ٻئي سائين جي ايم سيد جي فڪر جا پوئلڳ هئا. هڪڙو شاعر هو ۽ ٻيو قومي ڪارڪن هو پر ٻيئي زندگي جو ڳپل عرصو جيلن ۾ هئا.

هن وڌيڪ چيو ته ماڻھو هليو وڃي ٿو پر پويان ان جو ڪردار، ڳڻ ۽ ڳالهيون رهجي وڃن ٿيون ۽ ڳائجن ٿيون. منهنجي ٻنهي سان نيازمندي هئي ۽ ٻئي اعليٰ شخصيتن جا مالڪ هئا. سندن ڪردارن کي تاريخ ۾ سدائين ياد رکيو ويندو.

ان موقعي تي جيئي سنڌ قومي پارٽي جي اڳواڻ اياز ميراڻي، قادر بخش زئور، جيئي سنڌ تحريڪ جي امام بخش خاصخيلي، عوامي تحريڪ جي غلام علي زئور، جسقم جي محمد خان شورو، زوار ابراهيم کوڙ، بشير شاهه، نعمان شورو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.