مدئجي ويجهو جوڻيجا ۽ دل برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙو، فائرنگ، پنج ڄڻا مارجي ويا، ٽي زخمي

news

مدئجي (رپورٽ: ايوب بروهي) مدئجي ويجهو نئون امروٽ ٿاڻي جي حد ۾ جوڻيجا ۽ دل برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ ٻه ڏينهن اڳ موبائيل فون ڦر مامرو شدت اختيار ڪري ويو، ڌرين وچ ۾ ٻيهر جهيڙو، فائرنگ، گوليون لڳڻ سبب ٻنهي ڌرين جا 5 ڄڻا مارجي ويا، عورت سميت 3 ڄڻا زخمي.

تفصيل موجب مدئجي ڀرسان نئون امروٽ ٿاڻي جي حد ۾ جوڻيجا ۽ دل برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ ٻه ڏينهن اڳ موبائيل فون ڦر مامرو شدت اختيار ڪري ويو، جنهن تان ٻيهر جهيڙي بعد فائرنگ ٿيڻ جي نتيجي ۾ ٻنهي ڌرين جا پنج ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته عورت سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن، جنهن بعد ڳوٺاڻن مارجي ويلن جا لاش کڻائي تعلقي اسپتال مدئجي پهچايا.

جتي فوتين جي سڃاڻپ صدر جوڻيجو، اصغر جوڻيجو، رسول بخش جوڻيجو، عبدالوهاب دل ۽ ثناءُ الله دل طور ڪئي وئي آهي، جڏهن ته زخمين ۾ عورت مسمات شريفان خاتون دل ۽ عبدالستار دل سميت ٽي ڄڻا شامل آهن، جن کي مختلف اسپتالن ۾ علاج لاءِ اماڻيو ويو آهي.

مارجي ويلن جا لاش تعلقي اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا، جيڪي گهر پهچڻ تي وارثن ۾ قهرام مچي ويو.

خبر فائيل ٿيڻ تائين واقعي جو ڪوبه ڪيس داخل ٿي نه سگهيو هو.

ٻئي طرف جوڻيجا ۽ دل برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ فائرنگ دوران مارجي ويل ثناءُ الله دل جي مارجي وڃڻ کان ڪجهه گهڙيون اڳ جهيڙي بابت دانهون ڪرڻ ڪري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي، جنهن ۾ مارجي ويل ثناءُ الله دل دانهيندي چيوته ڪجهه ڏينهن اڳ جوڻيجا برادري جي جوابدارن اسان جي نوجوان ڪريم بخش دل کان موبائيل فون ڦري مبينا ڀتو گهريو هو، جيڪو نه ڏيڻ تان جوابدار مٺو ملاڻي، خالق جوڻيجو ۽ سندن ساٿين اڄ زمين تي ڪم ڪندڙ عورتن ۽ مردن تي حملو ڪري فائرنگ ڪئي، جنهن جي پيرن سان وڃي رهيا آهيون، هن دانهون ڪندي چيو هو ته پوليس اطلاع باوجود ڪجهه ناهي ڪيو، جنهن بعد ثناءُ الله دل پڻ گوليون لڳڻ سبب موقعي مارجي ويو.

هوڏانهن جوڻيجا ۽ دل برادري وچ ۾ ٿيل فائرنگ سبب مارجي ويل دل برادري ۽ جوڻيجا برادري جي وارثن پاران الڳ الڳ روڊ بلاڪ ڪري ڌرڻا هڻي سکر لاڙڪاڻو روڊ بلاڪ ڪري نعريبازي ڪئي وئي.

ان سلسلي ۾ دل برادري جي مارجي ثناءُ الله دل ۽ عبدالوهاب دل جي وارثن پاران فيض احمد دل، رميز دل، دلشاد دل، خورشيد دل، هارون دل، غلام حسين دل ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نئون امروٽ بس اسٽاپ ڀرسان سکر لاڙڪاڻو روڊ تي ٽائرن کي باهيون ڏيئي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو.

جنهن دوران مظاهرين دانهيندي چيوته ڪجهه ڏينهن اڳ جوڻيجا برادري جي ماڻهن اسان جي نوجوان کان موبائيل فون ڦر ڪئي هئي جنهن دوران نوجوان ڏوهارين مان هڪ ڄڻي کي سڃاتو هو جنهن تي جوڻيجا برادري جي ماڻهن اسان کي مامرو اتي ئي ٺاهڻ جو چيو، جنهن تي اسان ڪجهه نه ڪيو اڄ وري جوڻيجا برادري جي ماڻهن حملو ڪري فائرنگ ڪري اسان جي ٻن ڄڻن ثناءُ الله دل ۽ عبدالوهاب دل کي گوليون هڻي قتل ڪيو آهي، اختياريون نوٽيس وٺي انصاف ڏيارين.

ٻئي طرف جوڻيجا برادري پاران نظيران خاتون، بچل خاتون، خالق جوڻيجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مرزاپور بس اسٽاپ وٽ ٽائرن کي باهيون ڏيئي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو جنهن دوران مظاهرين ڳالهائيندي چيوته دل برادري جي ماڻهن فائرنگ ڪري اسان جا ماڻهو ماريا آهن، مارجي ويلن ۾ هڪ ڄڻو اصغر جوڻيجو ڳوٺ عزت جي وانڍ  جو رهواسي هو، جيڪو مهمان ٿي آيل هو.

جڏهن ته تعلقي اسپتال مدئجي ۾ پهچايل 5 مقتولن جي لاشن جا پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد وارثن حوالي ڪيا ويا، جيڪي وارث ڳوٺ کڻائي ويا، جڏهن ته پوليس پاران لاش پهچائڻ بعد ٿاڻي تائين محدود بڻيل آهي ۽ ڌريون مورچا بند بڻيل آهن، جنهن ڪري وڌيڪ رتوڇاڻ ٿيڻ جو خطرو اڻٽر ٿي ويو آهي.

هوڏانهن جوڻيجا ۽ دل برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ فائرنگ دوران پنجن ڄڻن جي مارجڻ واري واقعي بعد سموري علائقي ۾ سخت خوف واري صورتحال ڇائنجي وئي آهي، جنهن ڪري ماڻهو گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن ۽ علائقي واسين دانهيندي چيو آهي ته پوليس پاران حفاظتي انتظام نه ڪيا ويا ته وڌيڪ رتوڇاڻ جو خطرو اڻٽر ٿي ويو آهي.

هنن جو وڌيڪ چوڻ هو ته انتظامي لاپرواهي سبب ڊي ايس پي محمد امين پٺاڻ کي هڪ ئي وقت ٽن هنڌن تي مقرر ڪيو ويو آهي، جنهن ڪري هو اڪثر اسٽيشن تان غائب رهي ٿو.