مبارڪپور ڀرسان نوجوان گهرو پريشانين سبب مبينا طور پاڻ مٿان فائر ڪري آپگهات ڪري ڇڏيو

news

مبارڪپور (رپورٽ: مهر قربان علي) مبارڪپور ڀرسان جهان واهه ٿاڻي جي حد شيرانپور ڳوٺ ويجهو 19 ورهين جي نوجوان جونگل پٽ سڪندر چانڊيو گهرو پريشانين سبب مبينا طور پاڻ مٿان فائر ڪري آپگهات ڪري ڇڏيو.

اهڙو اطلاع ملڻ تي جهان واهه پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش  سلطان ڪوٽ جي سرڪاري اسپتال کڻائي پوسٽ مارٽم ڪرايو.

آخري اطلاعن تائين اھڙي واقعي جو ڪوبه ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.