اتر وزيرستان ۾ فائرنگ سبب پروفيسر ڊاڪٽر اجل جو شڪار

news

بنون: اتر وزيرستان ۾ نامعلوم ماڻحن جي فائرنگ سان ميڊيڪل ڪاليج جو پروفيسر ڊاڪٽر ولي الله داوڙ اجل جو شڪار ٿي ويو.

پروفيسر کي مير علي باءِ پاس روڊ تي قتل کانپوءِ جوابدار فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، ڊاڪٽر ولي الله داوڙ بنون ميڊيڪل ڪاليج ۾ پيٿالوجي جو پروفيسر هو.

پوليس موجب ڊاڪٽر ولي الله داوڙ جو تعلق مير علي جي ڳوٺ هرمز سان آهي، هو پنهنجي گاڏي ۾ رات 10 وڳي جي ويجهو بنو کان مير علي ۾ پنهنجي ڳوٺ وڃي رهيو هو ته کيس نشانو بڻايو ويو.