استعيفائن ذريعي سينيٽ جي اليڪشن نٿي روڪرائي سگهجي: ڪائره

news

لاهور: پيپلزپارٽي پنجاب جي صدر قمرزمان ڪائره چيو آهي ته فيصلو ٿي چڪو آهي ته استعيفائن وسيلي سينيٽ جي الڪيشن کي نٿو روڪرائي سگهجي.

لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي قمرزمان ڪائره چيو آهي ته پي ڊي ايم جي اجلاسن ۾ سينيٽ ۽ ضمني اليڪشن ۾ وڃڻ جو فيصلو ٿي چڪو آهي.

هن چيو ته نوان نوان يوٽرن وٺڻ سان وزيراعظم کي مبارڪون ٿا ڏيون، عمران خان فارين فنڊنگ ڪيس کي تسليم ڪيو آهي، پي آءِ اي جو جهاز روڪڻ بدحالي جو چٽو ثبوت آهي.

پي پي اڳواڻ جو چوڻ هو ته پيٽرول ۽ گيس مهانگي ڪرڻ عوام کان جيئڻ جو حق کسڻ برابر آهي.

قمرزمان ڪائره وڌيڪ چيو ته سڀ کان پهريان ملڪي چونڊن جو قبلو درست ڪرڻ جي ضرورت آهي، اليڪشن ڪميشن اڳيان احتجاج ۾ پيپلزپارٽي ڀرپور حصو وٺندي.