پنوعاقل ڀرسان ڊاٽسن جي ٽڪر ۾ معصوم نينگر فوت، گھر ۾ قھرام

news

پنوعاقل (رپورٽ: قربان ملڪ) پنوعاقل ڀرسان ڊاٽسن جي ٽڪر ۾ معصوم نينگر فوت، گھر ۾ قھرام.

بائجي ٿاڻي جي حد ڳوٺ وريام جتوئي ۾ چوپايي مال جي ڊاٽسن ھيٺان اچي 10 ورھين جو علي خان جتوئي چيباٽجي فوت ٿي ويو، اطلاع تي بائجي پوليس پھچي فوتي نينگر جو لاش کڻائي تعلقہ اسپتال پنوعاقل آندو جتان ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.

بائجي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي ڊاٽسن کي تحويل ۾ وٺي ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو آھي.

ھوڏانھن فوتي نينگر جو لاش گھر پھچڻ تي قھرام مچي ويو.