پنوعاقل جي ڪچي واري علائقي ۾ ھٿياربندن جو گھر تي حملو، عورت سميت ٽي ڄڻا زخمي، احتجاج

news

پنوعاقل (رپورٽ: قربان ملڪ) پنوعاقل جي ڪچي واري علائقي ۾ ھٿياربندن جو گھر تي حملو، عورت سميت 3 ڄڻا زخمي، سکر اسپتال منتقل، پوليس پاران 3 جوابدار گرفتار، ڏيتي ليتي بعد آزاد، متاثرن جو رضا ڳوٺ پوليس ۽ جوابدارن خلاف احتجاج.

پنوعاقل جي ڪچي واري علائقي رضا ڳوٺ ٿاڻي جي حد ڳوٺ حسين ٻيلي ۾ ھٿياربندن ڳوٺاڻي قاسم مھر جي گھر تي حملو ڪري لٺيون ۽ ڪھاڙيون ھڻي مسمات گلزار، ذوالفقار مھر ۽ مولا بخش مھر سخت زخمي ٿي پيا، جن کي تعلقي اسپتال پنوعاقل آندو ويو، جتان مسمات گلزار ۽ ذوالفقار مھر کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سکر اسپتال نيو ويو، ھٿياربندن جي حملي سبب گھر ۾ ڪيھاٽ پئجي ويا، ھٿياربندن عورتن ۽ معصوم ٻارڙن کي يرغمال بڻائي تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد آساني سان فرار ٿي ويا.

ان سلسلي ۾ متاثرن جي وارثن گھرڌڻي قاسم مھر، ڌڻي بخش، امداد، شمن مھر ۽ ٻين پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي دانھيندي چيو تہ ھو سرن جي بٺي تي پورھيو ڪندا آھن، ھٿياربندن سندن غيرموجودگي ۾ گھر تي حملو ڪري ڏنو، جنھن ۾ مسمات گلزار جو مٿو ڦاٽي ويو جڏھن نوجوان ذوالفقار مھر جي چيلھ ڀڃي ڇڏي آھي.

ھنن دانھيو تہ ھٿياربندن اڳ به سندن گھر تي حملو ڪيو جنھن ۾ پڻ نقصان ڪيو ويو، متاثرن ميڊيا کي ٻڌايو تہ رضا ڳوٺ ٿاڻي جي پوليس حملي ۾ ملوث ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪري مٿن ڪيس داخل ڪرڻ بدران کانئن رشوت وٺي جوابدار آزاد ڪري ڇڏيا آھن، جيڪي ھاڻي کين ڌمڪائين پيا.

ھنن ايس ايس پي سکر کان مطالبو ڪيو تہ جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي کين فوري گرفتار ڪيو وڃي ۽ کين انصاف فراھم ڪيو وڃي.