مورو ۾ تعليمي سيمينار منعقد ڪيو ويو

news

مورو (رپورٽ: رزاق مستوئي) مورو جي ڊجيٽل اڪيڊمي سي ايس ايس اينڊ ڪاليج آف انفارميشن ٽيڪنالوجي مورو پاران ھڪ تعليمي سيمينار منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ مورو جي علمي ادبي سياسي سماجي شخصيتن، استادن، وڪيلن، صحافين ۽ شاگردن شاگردياڻين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي شاگردياڻين عظميٰ ”محنت ئي زندگي سنواري سگھي ٿي“ ۽ رينا ”قسمت ئي زندگي سنواري سگھي ٿي“ تي ڊبيٽ ڪيو، جڏھن تہ ظفر سولنگي سنڌ جا ٻيٽ سنڌ جو ئي حق آھن، حسيب ڪورائي ٻڀٽ ترقي لاءِ وفاق کي ملڻ گھرجن تي ڊبيٽ ڪيو، مھوش ڪورونا وائرس ھڪ حقيقت آھي، ثانيه ڪورونا وائرس ھڪ دوکو آھي تي ڊبيٽ ڪيو، ان کان علاوہ نذير چنڊ، دلشير علي، حسنين سومرو، عمير، نور محمد، امجد علي، رشيد زرداري، عزيز اللہ، حسن سيال، سيد مصدق، سونھن شاھ، ريما پروين، وقار علي، عبدالغفار پڻ مختلف عنوانن تي ڊبيٽ ڪيو.

ھن تقريب ۾ مورو جي سياسي سماجي اڳواڻ ۽ ميونسپل ڪاميٽي جي اڳوڻي چيئرمين نذير احمد ميمڻ جي مان ۾ هڪ الوداعي پروگرام پڻ منعقد ڪيو جنھن کي نذير احمد ميمڻ خطاب ڪندي چيو ته مون پنهنجي چيئرمين واري دور ۾ ترقياتي ڪم ڪرايا ۽ ڪابه ڪرپشن نه ڪئي، خدا کي حاضر سمجهي شھر جي بهتري لاءِ پاڻ پتوڙيو.

هن چيو ته ضياءَالحسن لنجار مورو ۾ ترقياتي ڪمن جو ڄار وڇايو مورو شھر جو مين روڊ، درس روڊ، گچيروروڊ جتوئي روڊ ۽ مناهي روڊ سميت ڪيترائي روڊ ٺھرائي ماڻهن کي سھولتون ڏنيون آھن ۽ علائقن ۾ کنڊر ٿيل اسڪولي بلڊنگون ٺھرائي ڏنيون آھن، جڏھن ته هن تقريرن ۽ چٽاڀيٽي ۾ حصو وٺندڙ في شاگرد کي ٻه هزار رپيا انعام ڏيڻ جو اعلان ڪيو.

ان موقعي تي بھترين تقريرون ۽ ڊبيٽ ڪندڙ شاگردن شاگردياڻين کي ايوارڊ ۽ سرٽيفيڪيٽ سان نوازيو ويو، جڏھن ته نذير احمد ميمڻ کي ڪيل خدمت تي بھترين ڪارڪردگي تي مڃتا ايوارڊ سان نوازيو ويو.

تقريب ۾ تعلقي بار مورو صدر امين الدين خاصخيلي، پروفيسر اسدالله ميمڻ، بدرالدين ميمڻ، افضل امين آرائين، عرفان راڄپر، خالد ساحل ڪيريو، عرفان ڀنگر، جاويد ملاح، اسد اللہ سيال، ساجد مغل، وڪيل ماجد زرداري، پريس ڪلب مورو جي صدر سومر خان سولنگي، صحافي خدا بخش ميمڻ، نواب علي اصغر ڪورائي، اختر لغاري، منظور لغاري، مشتاق سولنگي، وحيد رزاق مستوئي، راشد ملڪ، اويس ڪرني، ماجد ڪلهوڙو، زاھد سولنگي، اياز سولنگي، ڪاشف لغاري، نياز لنڊ، اعظم ڪورائي، الطاف سنڌي سومرو، نعمت اللہ سومرو ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

جڏھن ته ڊجيٽل اڪيڊمي سي ايس ايس ڪاليج آف انفارميشن جي سي اي او عنايت الله سومرو آيل مهمانن کي آجياڻو ڏنو.