ٽنڊو باگو کان حيدرآباد ايندي موٽرسائيڪل کي حادثو، هڪ ڄڻو فوت، ٻيو زخمي

news

حيدرآباد: حيدرآباد واسي نوجوانن سان ٽنڊوباگو ۾ درگاهه تي زيارت کانپوءِ واپس ايندي ساڻن حادثو ٿي پيو.

حادثي جي نتيجي ۾ حيدرآباد جي شاهه لطيف ڪالوني واسي صابر سومرو ولد روشن سومرو ۽ اظهر سومرو ولد غلام محمد موٽرسائيڪل سلپ ٿيڻ سبب زخمي ٿي پيا.

جن کي سول اسپتال حيدرآباد نيو ويو، جتي زخمي صابر سومرو زخمن جا تاب نه سهندي فوت ٿي ويو.

جڏهن ته فوتي جي خبر گهر پهچڻ تي قهرام مچي ويو.

جڏهن ته فوتي صابر سومرو جي جنازي نماز پڙهڻ بعد کيس سندس شاهه بخاري قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.