پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس پاران صحافين سان ناجائزين خلاف ملڪ گير احتجاجي تحريڪ هلائڻ جو فيصلو

news

حيدرآباد: صحافين جي ملڪ گير تنظيم پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس (پي ايف يو جي) اظهار راءِ جي آزاديءَ، صحافين جي جبري برطرفين ۽ پگهار ۾ ڪٽوتي سميت سندن معاشي حقن جي حاصلات جي لاءِ ملڪ گير احتجاجي تحريڪ هلائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

ڪالهه پنجاب جي گادي واري شهر لاهور ۾ تنظيم جي فيڊرل ايگزيڪيوٽو ڪائونسل ايف اي سي جو اجلاس پي ايف يو جي، جي صدر شهزاده ذوالفقار جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ پاڪستان جي چئني صوبن جي يونينن جي نمائندن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ان ڳالهه تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو ته سڄي ملڪ اندر نه رڳو صحافين کي بيروزگار ڪيو پيو وڃي پر اظهار راءِ جي آزادي وارو حق به کسيو ويو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ بنيادي انساني حقن جي لتاڙ ٿي رهي آهي.

اجلاس ۾ پنجاب حڪومت جي اطلاعات کاتي بابت صلاحڪار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ مهمان طور شرڪت ڪئي. ان موقعي تي هن ڳالهائيندي چيو ته حڪومت ۽ صحافت هڪ گاڏي جا ٻه ڦيٿا آهن ۽ عوام ان جي انجڻ آهي، جيڪڏهن ڦيٿا صحيح رُخ ۾ نه هلندا ته انجڻ کي نقصان ٿيندو.

هن پي ايف يو جي، جي نمائندن سان مخاطب ٿيندي هن چيو ته صحافت ۽ حڪومت وچ ۾ ٽڪراءُ سان عوامي مفاد متاثر ٿيندا، تنهن ڪري پي ايف يو جي، جي صدر شهزاده ذوالفقار جي اڳواڻي هيٺ هڪ ڪميٽي جوڙي وڃي، جنهن ۾ چئني صوبن جي نمائندگي هجي ته جيئن گڏيل مطالبن تي متفق ٿي وزيراعظم سان ملاقات جو بندوبست ڪجي ۽ ان آڏو صحافين جا مطالبا رکي سگهجن.

هن چيو ته سنڌ جي گادي وارو شهر ڪراچي پاڪستان جو معاشي حب هجڻ ڪري غير معمولي حيثيت رکي ٿو، تنهن ڪري اتان جي صوبائي حڪومت جو ڪم آهي اتان جي صحافين جا مسئلا حل ڪري، وفاقي حڪومت پنهنجي ذميواري نڀائيندي. هن چيو ته جيڪڏهن صحافت کي بچائڻو آهي ته ڪارڪنن جي هائر ۽ فائر جي ڪا پاليسي هجڻ گهرجي، اخباري صنعت هاڻي صنعت جو درجو رکي ٿي تنهن ڪري صنعتي مزدورن جيان اخباري ورڪرن جي به پاليسي هجڻ گهرجي.

هن چيو ته اسان اظهار راءِ جي آزادي جي حق ۾ آهيون، اوهان ڀلي لکو، ڳالهايو ۽ آئينو ڏيکاريو، هڪ عوام ۽ ٻيو قومي مفاد هوندو آهي، جيڪڏهن رڳو عوامي مفاد کي اڳيان رکبو ته قومي مفاد پوئتي رهجي ويندو، هي رياستي ڍانچو قومي مفادن جي آبياري ڪري رهيو آهي، تنهن تي ڪا به مصلحت نه ٿيندي.

ان موقعي تي پي ايف يو جي، جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ناصر زيدي ۽ پي ايف يو جي، جي اڳوڻو صدر افضل بٽ خطاب ڪندي چيو ته هن وقت پاڪستان ۾ ميڊيا سخت بندشن هيٺ آهي، 8 هزارن کان وڌيڪ ڪارڪنن کي نوڪرين مان بيدخل ڪيو ويو آهي ۽ باقي رهيل ميڊيا ڪارڪن ٽياس تي ٽنگيل آهن، اهڙين حالتن ۾ احتجاجي تحريڪ کانسواءِ ٻيو ڪو به رستو ناهي بچيو. گڏجاڻي ۾ مطالبا ڪيا ويا ته صحافين جي تحفظ لاءِ قانون سازي ڪري علائقائي اخبارن جا مسئلا حل ڪيا وڃن، اڻ اعلانيل سينسرشپ کي روڪيو وڃي، اليڪٽرانڪ ميڊيا جي ورڪرن جي تحفظ لاءِ نيوز پيپرز ايمپلائيز وانگر قانون سازي ڪئي وڃي، اٺين ويج بورڊ ايوارڊ تي عمل ڪرايو وڃي.

اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ سنڌ مان پي ايف يو جي، جي اسسٽنٽ سيڪريٽري جنرل خالد کوکر، پي ايف يو جي جي ميمبر لالا رحمان سمون، پي ايف يو جي، جي مرڪزي نائب صدر لالا اسد پٺاڻ، ايڇ يو جي، جي صدر اقبال ملاح، ايس يو جي، جي صدر سليم سهتو، جاويد جتوئي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.