پنوعاقل: سانگي پوليس جي حراست مان فرار ٿيل قيدي ٻيھر گرفتار، ڪيس داخل

news

پنوعاقل(رپورٽ:قربان ملڪ) ٻه ڏينھن اڳ سانگي ٿاڻي تان جهيڙي جي ڪيس ۾ گرفتار جوابدار سجاد جتوئي پوليس جي حراست مان وجھ وٺي فرار ٿي ويو ھو، فرار قيدي کي سانگي پوليس ٻيھر کڏھري جي ڪچي واري علائقي مان گرفتار ڪري ورتو آھي.

ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او سانگي محمد خان سيال رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو تہ قيدي کي جڊيشل رمانڊ تي سکر سينٽرل جيل نيو پئي ويو ته رستي مان فرار ٿيو هو، جنھن کي ٻيھر گرفتار ڪري ورتو آھي.

ياد رھي تہ قيدي فرار ٿيڻ بعد ڊيوٽي ۾ غفلت ڪرڻ تي ايس ايس پي سکر عرفان سمون، اي ايس آءِ سونهارو بـُـلو ۽ پوليس ڪانسٽيبل عباس کي سزا طور لاڪپ ڪرائي ڪوارٽر گھاٽ ڪري ڇڏيو ھو.