ناروي: ڪورونا کان بچاءُ جي ويڪسين لڳرائيندڙ اوڻٽيهه بزرگ شهري حياتيون وڃائي ويٺا

news

اوسلو: (سومر 18 جنوري 2021ع) عالمي وبا قرار ڏنل ڪورونا وائرس کان بچاءُ جي لاءِ تيار ڪيل ويڪسين استعمال ڪندڙ 29 ڄڻا پنهنجون حياتيون وڃائي چڪا آهن.

آمريڪي ڪمپني جي تيار ڪيل ويڪسين لڳرائڻ کان پوءِ فوت ٿي ويل ماڻهن جون عمرون 75 سالن کان وڌيڪ هيون. ناروي ۾ ڪورونا کان بچاءُ جي لاءِ صرف آمريڪي ڪمپني فائزر جي تيار ڪيل ويڪسين استعمال ڪئي پئي وڃي.

ويڪسين لڳرائڻ کان پوءِ فوت ٿي ويل ماڻهن بابت وڌيڪ تفصيل اڃان تائين ناهن ٻڌايا ويا. آمريڪي ڪمپني فائزر جي تيار ڪيل ويڪسين جي استعمال سان ٿيندڙ فوتگين تي آمريڪي ۽ اوڀرين ذريعن مڪمل خاموشي اختيار ڪري ورتي آهي پر دنيا کي ان بابت چين ٻڌايو. جنهن کان پوءِ عالمي ذريعن ڪجهه تفصيل مهيا ڪندي اعتراف ڪيو ته 29 فوتگيون ناروي ۾ ٿيون آهن.

ان حوالي سان آمريڪي ذريعن موجب ناوي ۾ فوتگيون ٿيون آهن ان تي اختيارين ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي پر اڃان تائين اهو ناهي ٻڌايو ويو ته فوتگيون ڪڏهن ۽ ڪيئن ٿيون؟ نارويجيٽن ميڊيسن ايجنسي  پنهنجي اعترافي بيان ۾ چيو آهي ته ملڪ ۾ صرف فائزر ويڪسين ئي ماڻهن کي لڳائي وئي آهي ۽ سموريون فوتگيون ان ويڪسين کي لڳرائڻ کان پوءِ ٿيون آهن.

ان حوالي سان جاري ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ملڪ ۾ هينئر تائين 42 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي ويڪسين جي پهرين خوراڪ لڳائي وئي آهي. نارويجيٽن ميڊيسن ايجنسي موجب سموريون فوتگيون وڌيڪ عمر جي ماڻهن جون ٿيون آهن. ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ويڪسين  لڳرائيندڙ ماڻهن ۾ بخار ۽ الٽي جهڙي صورتحال نظر آئي هئي.