اداڪار دانش تيمور جو پنهنجي زال عائزه خان لاءِ محبت ڀريو پيغام

news

ڪراچي: (سومر 18 جنوري 2021ع) اداڪار دانش تيمور پنهنجي زال عائزه خان جي لاءِ محبت ڀرئي پيغام ۾ چيو آهي ته مون کي اميد آهي ته اسان پنهنجي آخري ساهه تائين گڏ رهنداسين.

ٻه ڏينهن اڳ ڊرامه سيريل(ميري پاس تم هو( مان شهرت ماڻيندڙ اداڪاره عائزه خان پنهنجي 30هين سالگره ملهائي ان موقعي تي جتي ان جي مداحن ۽ ٻين اداڪارن هن جي لاءِ پيغام موڪليا آهن اتي ئي سندس مڙس اداڪار دانش تيمور به گذريل ڏينهن سماجي رابطي  جي ويب سائٽ تي ان جي تصوير سان گڏ محبت ڀريو پيغام پوسٽ ڪيو.

فوٽو شيئرنگ ايپ تي اداڪاره عائزه خان سان گڏ نائٽ موڊ ۾ تصوير شيئر ڪندي اداڪا دانش تيمور پنهنجي پيغام ۾ لکيو آهي ته مان هن عورت ۽ ان سان گڏ جيڪا فيملي ٺاهي آهي ان کان سواءِ زندگي جو هڪ لمحو به سوچي نٿو سگهان.

دانش تيمور لکيو آهي ته اوهان جيڪو منهنجي زندگي ۾ محبت ۽ سڪون آندو آهي ان جو ٿورو مان لفظن ۾ ادا نٿو ڪري سگهان. مون کي اميد آهي ته اسان پنهنجي آخري ساهه تائين اهڙي ئي خوشگوار زندگي گڏجي گذاريندا رهنداسين.