ڏوڪري ۾ يونين آف جرنلسٽس تعلقي جو اجلاس اسد ٻگهئي جي صدارت هيٺ ٿي گذريو

news

ڏوڪري (رپورٽ: عبدالجبار ميمڻ) يونين آف جرنلسٽس تعلقي ڏوڪري جو پهريون اجلاس موهن جو دڙو جي ماڳ تي يونين جي صدر اسد ٻگهئي جي صدارت ۾ ٿيو.

اجلاس ۾ يونين جي عهديدارن ۽ ميمبرن سينئر صحافين محمد رمضان جوڻيجو، عبدالحق پيرزادو، منظور ميراڻي، وحيد ڳاهو، فدا حسين ابڙو، مقبول احمد ڪانڌڙو، غلام مصطفيٰ جهتيال، عبدالجبار ميمڻ، ديدار سومرو، فدا حسين جوڻيجو، ربنواز کوسو، اسرار نوناري، عبدالحڪيم ابڙو ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي يونين جي ميمبر سازي، يونين آفيس جي قيام، نئين چونڊيل باڊي جي حلف برداري تقريب ڪوٺائڻ سميت مختلف معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو.

ان موقعي  تي متفقه طور ايندڙ فيبروري مهيني ۾ يونين جي عهديدارن جي حلف برداري  ۽ يونين جي ضلعي اڳواڻن جي مان ۾ هڪ آجياڻي واري تقريب ڪوٺائڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

ان موقعي تي يونين جي صدر اسد ٻگهئي  ۽ ٻين جو چوڻ هو ته صحافي معاشري ۾ ٿيندڙ اوڻاين کي قلم ذريعي نروار ڪري عوام جي مسئلن کي حل ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا آهن، اهوئي سبب آهي جو صحافين جي حق سچ لکڻ تي ظالم ۽ جابر قوتون صحافين مٿان ڏمريل رهنديون آهن ۽ صحافين خلاف ڪات ڪهڙا به اڀا ٿيندا آهن، صحافت هڪ عبادت آهي اچو ته وڌيڪ متحد ٿي، غريب مسڪين ۽ مظلوم ماڻهن جو سگهارو آواز بڻجون.

هنن وڌيڪ چيو ته ڏوڪري تعلقي جي صحافين هر دور ۾ پاڻ ملهايو آهي، هنن وڌيڪ چيو ته يونين آف جرنلسٽس جو مقصد صحافين جي مسئلن جي حل لاءِ جدوجهد ڪرڻ آهي.

هنن وڌيڪ چيو ته صحافين جي مسئلن جي حل لاءِ ڀرپور ڪوششون ورتيون وينديون بنا ڪنهن فرق جي سڀني کي گڏ کڻي هلنداسين.