لائيو اسٽاڪ کي ترجيح ناهي ڏني وئي، وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي: صوبائي وزير عبدالباري پتافي

news

ٽنڊوڄام (رپورٽ: مستنصر علي جمالي) لائيو اسٽاڪ اينڊ فشريز جي صوبائي وزير عبدالباري پتافي چيو آهي ته زراعت شعبي مان پاڪستان جي جي ڊي پي جو 21 کان 23 سيڪڙو حاصل ٿئي ٿو. جڏهن ته زراعت شعبي کي جيڪڏهن ٻن حصن ۾ ورهايو وڃي ته 40 سيڪڙو زراعت مان ۽ 60 سيڪڙو لائيو اسٽاڪ مان حاصل ٿئي ٿو ۽ انڊسٽريز مان حاصل ٿيندڙ جي ڊي پي ڪڏهن به 9 سيڪڙو کان اڳيان نه وڌي سگهي پر اسان جي ملڪ ۾ ڪڏهن به لائيو اسٽاڪ کي ترجيح ناهي ڏني ويئي. جيڪڏهن قدرت اسانجو ساٿ نه ڏئي ته لائيو اسٽاڪ جي واڌ ويجهه ممڪن نه آهي.

اهڙن خيالن جو اظهار هن ٽنڊوڄام ۾ قائم چوپائي مال جي آرٽيفيشل انسيمينيشن سينٽر ۾ منعقد ڪيل تقريب کي خطاب ڪندي ڪئي.

هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي لائيو اسٽاڪ کاتي، بريڊر ايسوسيئيشن ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرز جي وچ ۾ ياداشت نامي تي صحيحيون ڪيون ويون آهن ته جيئن اسانجا جيترا به جانور ناياب نسل جا آهن انهن کي آرٽفيشنل انسيمينيشن ذريعي وڌائڻ سميت رجسٽرڊ ڪري سگهبو. هن چيو  ته موجوده دور ۾ اسان وٽ بريڊز مڪس ٿي وئي آهي ۽ ان بريڊز بابت اسان کي ڪا ڄاڻ ناهي ان ڪري اسان جي ڪوشش آهي ته ان بريڊز کي محفوظ بڻايو وڃي.

هن چيو ته سنڌ اها ڌرتي آهي جنهن کي انڊس ويلي چيو ويندو هو جيڪا ڪشمير کان ڀارت جي وڏي حصي تائين پکيڙيل هئي، پوري دنيا ۾ بريڊ جون ٻه قسمون آهن هڪ انڊيڪس بريڊ ۽ ٻئي ٽورس بريڊ جڏهن ته انڊيڪس بريڊ جيڪا ننڍي کنڊ ۾ ملندي آهي ان کي انڊيڪس جو نالو ئي انڊس سولائيزيشن جي ڪري ئي مليو.

هن چيو ته جڏهن دنيا ترقي نه ڪئي هئي تڏهن به سنڌ خوشحال هئي ان جو سبب هتي جي مضبوط زراعت هئي، ان وقت به هتي وڏي پيماني تي فشريز ۽ لائيو اسٽاڪ تي ڪم ٿيندو هو پر اڄ صورتحال مختلف آهي.

اسان کي پنهنجي ماضي کي ياد ڪندي لائيو اسٽاڪ ۾ وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پنجاب جا فارمرز به اسان جي سنڌ جي جانورن کي سوشل ميڊيا ذريعي وڪرو ڪري رهيا آهن. جڏهن ته فقط هڪ گلابي ٻڪري جي قيمت 38 لک رپين تائين ٿئي ٿي.

تقريب ۾ آرٽيفيشل انسيميشن جي ٽريننگ مڪمل ڪندڙ 662 شاگردن ۾ انسيمينيشن ڪٽس ۽ نائٽروجن سيلنڊرز پڻ ورهايا ويا ۽ اينيمل هسبينڊري جي فوڪل پرسنز ۾ ويجهو رابطو رکڻ لاءِ 13 ليپ ٽاپ پڻ ورهايا ويا. تقريب ۾ سيڪريٽري لائيو اسٽاڪ اعجاز احمد مهيسر ۽ ڊي جي لائيو اسٽاڪ سنڌ ڊاڪٽر مظفر علي وگهيو، ڊين آف وٽرنري فيڪلٽي زرعي يوينورسٽي ڊاڪٽر غياث الدين شاهه ۽ ٻين شرڪت ڪئي.