نئون ديرو ۾ شاعر ۽ اديب منٺار سولنگيءَ جي ڏهين ورسيءَ تقريب انتهائي سادگيءَ سان ملهائي وئي

news

نئون ديرو (رپورٽ: رحمت الله موريو) ”سهارن جڏهن روح زخمي ڪيو ۽ سهارن تڏهن مون کي وهمي ڪيو،  خوشيءَ سان زمانو ڪرڻ ئي نه ڏي ها، تڏهن پيار منٺار تڙپي ڪيو آ“ شعر جي خالق سنڌ جي نامياري شاعر، اديب ۽ سنڌي ادبي سنگت جي هيرو منٺار سولنگيءَ کي وڇڙي 10 ورهيه وهامي ويا پر اڄ به هو پنهنجي لکڻين ۽ شاعريءَ جي وسيلي اسان جي دلين ۾ زندهه آهي.

منٺار سولنگيءَ جي ڏهين ورسيءَ جي موقعي تي منٺار سولنگي اڪيڊمي پاران سندس رهائشگاهه تي ورسي تقريب انتهائي سادگيءَ سان ملهائي وئي، ورسي تقريب ۾ سندس ڀائرن، پٽن ۽ ويجهن دوستن شرڪت ڪئي، ورسيءَ جي موقعي تي قرآن خواني ڪري اجتماعي دعا گهرڻ بعد منٺار سولنگيءَ جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي ورکا ڪرڻ بعد دعا گهري کيس ڀيٽا پيش ڪئي وئي.

ان موقعي تي ڳالهائيندي شاعر اديب بيتاب سولنگي، سينئر صحافي عبداللطيف سولنگي، ڪاشف منٺار سولنگي، سليم رضا سولنگي، ناصر جمال، دانش علي، علي رضا سولنگي سميت غلام علي سولنگي، عبداللطيف ڪرٽيو ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته منٺار سولنگي پنهنجي پوري حياتي سنڌي ادب ۽ سنڌي ادبي سنگت لاءِ ڏينهن رات جدوجهد ڪندي گذاري پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته جنهن ادبي سنگت لاءِ منٺار سولنگي ڏينهن رات جاکوڙيو اڄ اها ادبي سنگت کيس سندس ورسي يا سالگرهه جي موقعي تي ياد به نٿي ڪري.

ياد رهي ته منٺار سولنگي شهيدن جي شهر نئون ديرو ۾ 15 جون 1967ع جي ڏينهن غلام مرتضيٰ سولنگيءَ جي گهر جنم ورتو ۽ هو ننڍي هوندي کان ئي ادب جي کيتر سان واڳيل رهيو.

هن ٻاراڻي ادب ذريعي سنڌي ادب جي دنيا ۾ پير پاتو جنهن دوران هن پنهنجي ٻارڙن لاءِ ڪيل شاعري، اخبارن، رسالن ۾ شايع ڪرايو ۽ ان دوران هن نئون ديرو شهر ۾ ٻارن جي دنيا ادبي سنگت جو بنياد پڻ وڌو جنهن ذريعي هن پنهنجي هم عمر ٻارڙن کي ادبي دنيا طرف اچڻ جو اتساهه پيدا ڪرڻ سان گڏ مختلف پروگرام منعقد ڪرائي پليٽ فارم پڻ مهيا ڪيو.

منٺار سولنگي سنڌ جي نامياري شاعر آثم ناٿن شاهيءَ سان تمام گهڻو لڳاءُ رکندو هو، جنهن ڪري هن پنهنجي ادبي استاد جي نالي سان آثم ادبي سنگت جو بنياد پڻ وڌو جنهن کي اڳتي هلي سنڌي ادبي سنگت ۾ ضم ڪيو ويو.

منٺار سولنگي سنڌي ادبي سنگت کي مضبوط ۽ منظم ڪرڻ لاءِ تمام گهڻو جاکوڙيو ۽ نئون ديرو شهر جي شاخ تان سنڌي ادبي سنگت جي تاريخ جا تمام وڏا پروگرام منعقد ڪرايا، جنهن ڪري سنڌي ادبي سنگت شاخ نئون ديرو کي مرڪز طرفان ايوارڊ پڻ ڏنو ويو.

منٺار سولنگي سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري طور ڪامياب ٿيڻ بعد ان وقت جي سيڪريٽري ادل سومرو سان گڏجي سنڌي ادبي سنگت لاءِ ڏينهن رات جاکوڙيو ۽ مرڪز طرفان تمام وڏا پروگرام پڻ مرتب ڏنا، منٺار سولنگي پنهنجي حياتيءَ ۾ پنهنجا ڪتاب ڇپرائڻ بدران غريب شاعر اديب دوستن جا ڪتاب ڇپرائي کين مڃتا ڏيندو رهيو.

منٺار سولنگيءَ جي ٻاراڻي شاعري تي مشتمل ”ڪاشي ۽ ڪانءُ“، ”آئون به جيڪر پڙهڻ وڃان هان“ سندس حياتيءَ ۾ ئي پڌرا ٿيا هئا، جڏهن ته سندس وفات به منٺار سولنگي اڪيڊميءَ پاران سندس شاعريءَ جو پهريون مجموعو ”آئون اڪيلو راهن“ ۾ ڇپجي پڌرو ٿي چڪو آهي.